سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جو انعام ڀٽي جي بازيابيءَ لاءِ احتجاج

ڪنڌڪوٽ (غالب بلوچ) پروفيسر انعام ڀٽي کي کنڀي کڻي وڃڻ خلاف سنڌ يونائيٽڏ پارٽي پاران ڪشمورجي ضلعي صدر دلمراد ڏاھاڻي، ذريت ساگربجاراڻي ۽ شاھنواز مرھٽو جي اڳواڻي ۾ ايس يو پي آفيس کان گھنٽاگھرچوڪ تائين احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. مظاھرين پاران پلي ڪارڊن ۾ پروفيسر انعام ڀٽي کي فوري آزاد ڪرڻ جا پڻ مطالبا لکيل ھئا. مظاھرين سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيوته انعام ڀٽي کي فوري طورآزاد ڪيو وڃي جيڪڏهن سندن مٿان ڪو ڪيس داخل آهي ته ان کي ملڪ جي ڪورٽن ۾ پيش ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سنڌ اندر احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو