سنڌ رينجر ۽ پوليس جو منشيات فروشن خلاف آپريشن، ڏوهاري گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان رينجرز سنڌ ۽ پوليس انٽيليجنس ڄاڻ جي بنياد تي ڪراچي اورنگي ٽائون جي علائقي ايراني ڪئمپ ۾ منشيات فروشن ڏوهاري ماڻهن ۽ 9 جولاءِ 2023 تي ٻن منشيات فروش گروپن وچ ۾ جهيڙي ۾ ملوث ٻن ماڻهن جي خلاف سرچ ۽ ڪومبينگ آپريشن ڪري مختلف ڏوهن ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار ۽ ايمونيشن به هٿ ڪيو ويو تفصيل موجب 9 جولاءِ 2023 تي ڪراچي اورنگي ٽائون جي علائقي ايراني ڪئمپ ۾ ٻن منشيات فروش گروپن ۾ جهيڙي دوران هٿيارن جي نمائش ۽ آزاداڻو استعمال ڪيو ويو ۽ پوليس تي به فائرنگ ڪئي وئي پاڪستان رينجرز سنڌ ۽ پوليس گڏيل حڪمت عملي جوڙيندي ڏوهاري ماڻهن جي خلاف ڪومبنگ آپريشن ڪيو ڪومبنگ آپريشن دوران جوابدارن وٽان هٿيار ايمونيشن ۽ ججهي مقدار ۾ منشيات به هٿ ڪئي وئي گرفتار جوابدارن کي هٿيارن، ايمونيشن ۽ منشيات سميت وڌيڪ ڪارروائي لاءِ پوليس جي حوالي ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو