جماعت جو سربراهه سنڌ جي تفصيلي دورو تي پهچي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) امير جماعت اسلامي سراج الحق سنڌ جي ٽن ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچي ويو جتي سندس جماعت اسلامي جي مقامي اڳواڻن استقبال ڪيو. صوبائي ترجمان مجاھد چنا موجب هو 26 جنوري اڄ جمعي تي منجهند جو لطيف آباد حيدرآباد ۽ شام جو 06 وڳي بلديه چوڪ ٽنڊوآدم ۾ رٿيل چونڊ جلسن کي خطاب ڪندو جڏهن ته هو آچر ڏهاڙي ڪراچي جي باغ جناح ۾ وڏي جلسي کي پڻ خطاب ڪندو. چونڊ جلسن کي قومي توڙي صوبائي اسيمبلي جي اميدوارن کان سواءِ مرڪزي، صوبائي توڙي مقامي اڳواڻ پڻ خاب ڪندا.هوڏانهن سراج الحق خميس جي رات اسپتال چوڪ مهراڻ هاءِ وي ملير ۾ رٿيل ترازو ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته صاف شفاف چونڊون ئي ملڪ جي معاشي ۽ سياسي بحرانن سميت سڀني مسئلن جو حل آهن.جماعت اسلامي 08 فيبروري تي فري اينڊ فيئر چونڊون چاهي ٿي ان لاءِ عوامي سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون آهن، نواز ليگ پ پ سميت سڀئي سياسي جماعتون اقتدار تائين پهچڻ لاءِ اسٽيبلشمنٽ جو سهارو وٺڻ بدران جمهوريت ۽ عوامي طاقت کي بنياد بڻائي اڳتي وڌن، سياسي جماعتن کي هٿراڌو نموني سان ختم ڪرڻ جون ڪوششون نه اڳ ۾ ڪامياب ٿي سگهيون آهن نه هاڻي ٿينديون، ڪنهن به سياسي جماعت ۽ سياسي ليڊر کي ووٽ ذريعي ئي ختم ڪري سگهجي ٿو. جماعت اسلامي وٽ بهترين منشور، عوامي خدمت جون بيشمار مثالون ۽ بي داغ قيادت موجود آهي عوام هن ڀيري موقعو ڏنو ته ملڪ ۽ قوم جي تقدير حقيقي طرح سان تبديل ڪري ڏيکارينداسين.حڪمران جماعتن وٽ عوام وٽ وڃڻ لاءِ ڪوبه منشور ڪونه آهي، بار بار اقتدار جا مزا وٺڻ باوجود عوام کي ڪجهه به ڊليور نه ڪرڻ وارا هاڻي ماڻهن وٽ ڪهڙي منهن سان ووٽ وٺڻ وڃي رهيا آهن. سراج الحق جماعت اسلامي جي اڳواڻن تي زور ڀريو ته هوءَ انتخابي مُهم کي تيز ۽ وڏي پئماني تي عوامي رابطي ذريعي عوام تائين اهو پيغام پهچائن ته هاڻي سڀني مسئلن جو “ حل صرف جماعت اسلامي آهي. جلسي کي ممتازحسين سھتو، حافظ نعيم الرحمان، ملير جي امير ضلع محمد اسلام پڻ خطاب آھي.#

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو