سنڌ حڪومت طرفان 25 ۽ 27 ڊسمبر تي عام موڪل جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي پيدائش، ڪرسم ۽ بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي عام موڪل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. سنڌ حڪومت طرفان جاري ڪري بيان مطابق 25 ڊسمبر تي قائد اعظم محمد علي جناح جي ڄمڻ ۽ ڪرسمس ڏينهن جي موقعي تي صوبي ۾ سرڪاري ۽ ان جي ماتحت ادارن ۾ عام موڪل هوندي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته 27 ڊسمبر تي شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جي مناسبت سان عام موڪل هوندي. جڏهن ته سنڌ حڪومت پاران 24 ڊسمبر تي قمبر ضلعي ۾  يوم شهداءَ جي سلسلي ۾ موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو