سنڌ حڪومت خلاف کدڙن جو احتجاج، نوڪريون ڏيو يا پنڻ ڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي کدڙن فقيرن اربع تي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. جنهن ۾ شهر جي مختلف علائقن مان آيل فقيرن شرڪت ڪئي. کدڙن سنڌ حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي ۽ چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجو کين نوڪريون نٿيون ملن ۽ بئي پاسي کين پنڻ به نٿو ڏنو وڃي. عورتاڻي انداز سان رنگ برنگي ڪپڙا پاتل احتجاج ڪندڙ کدڙن جي هٿن ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ هئا جن تي حڪومت ۽ پوليس خلاف نعرا لکيل هئا. سندن نمائندن جو چوڻ هو ته حڪمرانن طرفان پوليس سوڌو ٻين کاتن ۾ کين نوڪريون ڏيڻ جا اعلان ته ڪيا ويا پر عملي طور اُنهن تي عمل ناهي ٿيو. هنن وڌيڪ چيو ته کين پنڻ کان به روڪيو وڃي ٿو ۽ پوليس تنگ ٿي ڪري. هنن چيو ته هو خيرات وٺڻ وڃن ٿا ته پوليس وارا سندن خلاف ڪارروائي ڪن ٿا. هنن مطالبو ڪيو ته پنڻ نٿا ڏيو ته نوڪريون ڏيو، جيڪڏهن نوڪريون نٿا ڏيو ته سندن پنڻ خلاف وٺ پڪڙ بند ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو