مسئلن جي حل لاءِ حڪومت جو ڪو به ڪردار ناهي: مصطفيٰ

مسئلن جي حل لاءِ حڪومت جو ڪو به ڪردار ناهي: مصطفيٰ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال پيپلز پارٽي تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت جو مسئلن جي حل لاءِ ڪو به ڪردار ناهي.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته سنڌ حڪومت 15 سالن کان اسان جي نسل ڪشي ڪري رهي آهي، صوبائي حڪومت اسان سان ناانصافي ڪري رهي آهي.مصطفيٰ ڪمال جو چوڻ آهي ته اسان رڍ ۽ ٻڪري ناهيون، گهڻو وقت خاموش نه ٿا رهي سگهون، سنڌ جو وڏو وزير پاڻي ۽ بجلي جهڙا مسئلا حل ڪري. هن چيو ته جيڪي بل ادا ڪري رهيا آهن انهن کي بجلي به ملي رهي آهي، اهي مڪاني چونڊون نٿا مڃين، ان ڪري ئي هنن بائيڪاٽ ڪيو، مڪاني چونڊن ۾ بندر ورهايا ويا، اڳوڻو ايڊمنسٽريٽر هاڻي ميئر آهي.سندس چوڻ آهي ته هن نظام هيٺ ملڪ ۽ هي صوبو نٿو هلي سگهي، خالد مقبول ڪراچي ۾ بجلي جي مسئلي تي خرم دستگير سان ملاقات ڪئي، 3 ڪروڙ آبادي واري شهر ۾ 15 ڪلاڪ بجلي ناهي.ايم ڪيو ايم اڳواڻ وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جي نوجوانن کي نوڪريون نه ملي رهيون آهن.مصطفيٰ ڪمال جو اهو به چوڻ آهي ته ڊپٽي چيئرمين سينيٽ نون صوبن جي ڳالهه ڪئي آهي، هاڻي ڪيترائي ماڻهو نون صوبن جي ڳالهه ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو