سنڌ جي 8 ضلعن ۾ بجلي چوري 50 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي:لنگريال

سنڌ جي 8 ضلعن ۾ بجلي چوري 50 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي:لنگريال

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي سيڪريٽري پاور راشد محمود لنگريال جو چوڻ آهي ته سنڌ جي 8 ضلعن ۾ بجلي چوري 50 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي جڏهن ته 15 ضلعن ۾ بجلي چوري 40 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي.سنڌ ۾ بجلي چوري جي صورتحال تي پنهنجي بيان ۾ سيڪريٽري پاور راشد لنگريال چيو آهي ته سنڌ جي 19 ضلعن ۾ بجلي چوري 30 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي، گهوٽڪي ۾ 41 سيڪڙو، ڪشمور ۾ 56 سيڪڙو ۽ سکر ۾ 30 سيڪڙو آهي.اهڙي طرح جيڪب آباد ۾ 59 سيڪڙو، شڪارپور ۾ 52 سيڪڙو، لاڙڪاڻي ۾ 57 سيڪڙو، دادو ۽ نوشهروفيروز ۾ 52 سيڪڙو بجلي چوري ٿي آهي.سيڪريٽري پاور رشيد لنگريال جو چوڻ آهي ته بجلي چوري جا نقصان شهيد بينظير آباد ۾ 43 سيڪڙو، ڄامشوري ۾ 15 سيڪڙو، ٿرپارڪر ۾ 11 سيڪڙو، سجاول ۾ 58 سيڪڙو ۽ سانگهڙ ۾ 32 سيڪڙو آهن.سيڪريٽري پاور رشيد لنگريال موجب عمرڪوٽ ۾ 27 سيڪڙو، بدين ۾ 31 سيڪڙو، ٺٽي ۾ 41 سيڪڙو ۽ دادو ۾ 52 سيڪڙو بجلي چوري سبب نقصان ٿيو آهي.سيڪريٽري پاور راشد لنگريال موجب ميرپورخاص ۾ 43 سيڪڙو، مٽياري ۾ 49 سيڪڙو بجلي چوري ٿي آهي،سيڪريٽري پاور راشد لنگريال موجب خيرپور ۾ بجلي چوري سبب پاور هائوسز کي 48 سيڪڙو نقصان ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو