سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي بحالي وارو معاملو ايڏو وڏو مسئلو ناهي

سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي بحالي وارو معاملو ايڏو وڏو مسئلو ناهي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جو مسئلو ايڏو وڏو مسئلو ناهي اِهو اڄ ئي حل ٿي ويندو. قومي اسيمبليءَ ۾ ڏنل بيان ۾ اسحاق ڊار چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن بابت رليف جو ڪم ٿي چڪو آهي، رهيو سوال بحالي جي ڪم جو ته ان تي رپورٽ تيار ڪئي وئي هئي، رپورٽ موجب، ٽيهه ارب ڊالر جو نقصان ٿيو آهي. هن چيو ته جمعي جي ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير ۽ پيپلز پارٽي جي وفد سان ملاقات ٿي، اسان روڊ ميپ ٺاهي چڪا آهيون، اڄ ٻيهر گڏجاڻي ٿيندي، اِهو ايڏو وڏو مسئلو نه آهي ۽ اڄ ئي حل ٿي ويندو. هن چيو ته ٻوڏ سبب متاثر ٿيل گهرن جي اڏاوت لاءِ 16 ڏهائي 3 ارب ڊالر گهربل آهن، 16 مان 11 ارب سنڌ ۾ خرچ ڪيا ويندا، ڪوشش آهي ته اهڙيون اڏاوتون ٿين جو ٻيهر ٻوڏ اچڻ جي صورت ۾گهڻو نقصان نه ٿئي.

پهنجو تبصرو موڪليو