سنڌ جي مختلف علائقن ۾ باهه جا واقعا، 13 گهر سڙي ويا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي مختلف علائقن ۾ باهه جا واقعا، 13 گهر سڙي ويا، ماتلي ڀرسان ڳوٺ سونو خان سولنگي ۾ بجليءَ جي تار گهرن تي ڪِري پئي، 3 گهر الهه تلهه سوڌو سڙي رک ٿي ويو،اطلاع تي فائربرگيڊ گاڏي پهچي باهه تي ضابطو آندو، منهڙو ڀرسان ڳوٺ رمضان ڀٽي ۾ باهه جي نتيجي ۾ 8 ڪچا گهر سڙي ويا، گهرن ۾ رکيل اناج ۽ هنڌ بسترن سوڌو سمورو سامان سڙي رک، متاثرن جو چوڻ آهي ته اڻڄاتل جوابدارن سندن گهرن کي باهه ڏني آهي معاملي جي جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي، موري ڀرسان ڳوٺ مير محمد لاشاري چُلهه جي چڻنگ مان باهه ڀڙڪي پئي، ٻن پورهيتن جا گهر الهه تلهه سوڌو سڙي ويا، باهه متاثر خاندان کُليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل، سرڪار ۽ سرندي وارن کي سهائتا جي اپيل ڪئي وئي

پهنجو تبصرو موڪليو