سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گهرن کي باهه، الهه تلهه سڙي رک

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي ٻن مختلف شهرن ۾ چلهه جي چنگ ۽ بجلي جي تارن مان باهه لڳڻ ڪري گهرن ۾ پيل سڄو سامان سڙي رک ٿي ويو جڏهن ته متاثر سردي هوندي کليل آسمان هيٺ چونڊيل نمائندن ڏانهن سهائتا لاءِ واجهائي رهيا آهن. پير ڳوٺ مان صفدر چانڊيو مطابق پيرگُڊو ڀرسان پورهيت ضمير حسين وساڻ جي گهر کي چلھ مان چڻنگ لڳڻ سبب سڄي گهر کي باھ وڪوڙي وئي جنهن ڪري گهر ۾ پيل سمورو سامان کٽون، هنڌ بسترا، ٿانو، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو. پورهيت گهرڀاتين سميت کلي  آسمان هيٺ ويٺل آهن. پورهيت ضمير حسين وساڻ تڪ جي چونڊيل نمائندن ضلعي چيئرمين شھريار وساڻ، ايم پي اي منورعلي وساڻ، ايم اين اي ميڊم نفيسا شاه جيلاني، يوسي جسڪاڻي جي چيئرمين  خالد عباس جسڪاڻي ۽  ٻين وس وارن کي امداد جي اپيل ڪئي. *** ٽنڊو غلام علي مان مير حسن رند مطابق وارڊ نمبر 1 ۾ اوچتو بجلي جي تارن مان باھ لڳڻ سبب پورهيت ڪلياڻ ميگهواڙ جو گهر ۽ ان ۾ پيل کٽون، هنڌ بسترا، ڪپڙا، اناج توڙي سڀ ڪجھ سڙي رک ٿي ويو جڏهن ته ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ باهه وسائي.

متاثرين صحافين اڳيان ڳالهائيندي  چيو ته هن سخت سردي جي موسم ۾ اسان جا معصوم ٻچڙا کلي آسمان هيٺ ويٺل آهن جنهن جي ڪري ڪافي تڪليفن کي منهن ڏئي زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون ۽ اسين تمام  غريب مسڪين ماڻھو آهيون. اسان وس وارن کي پرزور اپيل ٿا ڪريون ته اسان جي مالي سهائتا ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو