سنڌ جي عوام لاءِ انقلابي قدم کڻي رهيا آهيون، شرجيل ميمڻ

حيدر آباد (ن س) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جيل مان ويهي پارٽي هلائي رهيو آهي، هو اڄ به لاڏلو بڻيل آهي، ڪير ته آهي جيڪو کيس سپورٽ ڪري رهيو آهي. حيدرآباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جيڪي تاريخي ڪم ٿيا آهن اهي پ پ ڪيا آهن، وڏين اسپتالن ۾ سنڌ جي اسپتالن سان ڪا ڀيٽ ناهي، سڄي ملڪ مان ماڻهو سنڌ جي اسپتالن ۾ اچي علاج ڪرائين ٿا، اهو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ويزن آهي ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه جي محنت جو نتيجو آهي جو سڀ کاتا ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اٽي، لٽي ۽ اجهي وارو واعدو رڳو پ پ جو آهي، سنڌ ۾ ٻوڏ کانپوءِ پ پ 21 لک گهر ٺاهي ڏئي رهي آهي، اسان منشيات خلاف جهاد ڪري رهيا آهيون، منشيات جي عادين لاءِ بحالي مرڪز کوليا پيا وڃن، اهڙن ماڻهن کي واپس معاشري سان ڳنڍڻو آهي. سندس چوڻ هو ته پوليس تي تنقيد ڪرڻ سولو ٿي ويو آهي، هر جاءِ تي سٺا ۽ خراب ماڻهو هوندا آهن، سنڌ پوليس ۾ قابل آفيسر به موجود آهن، ڪراچي ۾ دهشتگردي جي واقعن کي ناڪام بڻائڻ ۾ پوليس اهم ڪردار ادا ڪيو، ڪچي ۾ ڌاڙيلن وٽ جديد هٿيار آهن، جيڪي پوليس وٽ نه آهن، اهڙا هٿيار هلائڻ لاءِ پوليس کي ٽريننگ ڏني ويندي. ٽرانسپورٽ واري وزير چيو ته پيپلز بس سروس ڪراچي، لاڙڪاڻي، سکر، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ۾ هلي رهي آهي، صدر آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير جو ويزن آهي ته اها بس سروس ضلعن ۽ تعلقن تائين شروع ڪئي ويندي. شرجيل ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ باني اڄ به لاڏلو بڻيل آهي، هو ستن مهينن کان جيل ۾ آهي جتان ويهي پارٽي هلائي ٿو، اهڙيون سهولتون اڳ ڪنهن کي مليون هيون؟ ڪير ته آهي جيڪو کيس سپورٽ ڪري رهيو آهي، ڀارت ۽ اسرائيل مان پي ٽي آءِ باني جي اڪائونٽ ۾ پيسا آيا، لڳي ٿو اهي پرڏيهي آهن جيڪي کيس سپورٽ ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو