سنڌ جي صنعتي زونن ۾ انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻايو ويو، ڌاريجو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو فيڊرل بي انڊسٽريل ايريا جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ايسوسي ايشن جي عهديدارن سيد رضا حسين، محمد علي، عمران، بابر خان ۽ ٻين صوبائي وزير جو استقبال ڪيو. صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو جي صدارت ۾ ايسوسي ايشن جي عهديدارن سان اجلاس منعقد ڪيو. ايسوسي ايشن جي عهديدارن صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير کي صنعتڪارن کي درپيش مسئلن بابت آگاهه ڪيو. اجلاس کي خطاب ڪندي صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو فيڊرل بي انڊسٽريل ايريا کي درپيش مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو. هن چيو ته سنڌ حڪومت صنعتي زونن ۾ انفراسٽرڪچر بهتر ڪيو آهي. گئس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ تي وفاق سان ڳالهائينداسين. ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صنعتڪارن جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ خاص دلچسپي رکي ٿو. سندس ويزن ۽ هدايت تي صوبي ۾ نوان صنعتي زون قائم ڪيا ويا آهن ۽ صنعتڪارن جي مسئلن جي حل لاءِ سائيٽ آفيس ۾ ون اسٽاپ سلوشن اسڪيم کي جلد فعال ڪيو ويندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت صنعتڪارن سان هر طرح سان گڏ آهي ۽ صنعتڪارن لاءِ سندن دروازا هميشه کليل آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو