ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو به ڪورونا وائرس تي قابو ڪرڻ جي لاءِ ٽرانسپورٽ معطل ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي.عذرا پيچوهو چيو آهي ته مسافرن جي اچ وڃ سبب ڪيس تيزي سان وڌي رهيا آهن. حيدرآباد سڀني کان وڌيڪ 7س يڪڙو اضافي سان گڏ ڪورونا سبب متاثر ٿيو آهي. صحت واري وزير موجب ڪراچي ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسز جي شرح 4.3 سيڪڙو رهي.واضح رهي ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا جي ڪيسز ۾ تيزي سان واڌ سبب ان کان اڳ سنڌ جو وڏو وزير به بين الصوبائي ٽرانسپورٽ بند ڪرڻ جي تجويز ڏئي چڪو آهي.سنڌ جي وڏي وزير جي تجويز کان پوءِ نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر(اين سي او سي) ڇنڇر ۾ ٻه ڏينهن يعني ڇنڇر ۽ آچر تي بين الصوبائي ٽرانسپورٽ معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جڏهن ته ريلوي 70 سيڪڙو مسافرن سان گڏ هلنديون رهنديون.










