سنڌ جو گورنر ڪم ڪري پيو ۽ ڪندو رهندو: صديقي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جو چوڻ آهي ته سنڌ جو گورنر ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ڪندو رهندو.ڳالهه ٻولهه ڪندي خالد مقبول صديقي چيو ته گورنر جي تبديلي جي ڳالهه ٿي رهي آهي، سنڌ کانسواءِ ٻيا به گورنر ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ڪندا رهندا.هن چيو ته اسان سنڌ جي گورنر جي معاملي تي مسلم ليگ (ن) کان ڪا به ضمانت نه گهري هئي، جيڪڏهن گورنر جي معاملي ۾ ڪارڪردگي معيار ٿي ته ان جي بنياد تي فيصلا ٿيندا.خالد مقبول چيو ته اڳ جڏهن سوشل ميڊيا نه هوندي هئي ته وڊيوز ليڪ ٿينديون هيون، ايم ڪيو ايم جي وڊيو ضروري نه هئي ته رابطا ڪميٽي ليڪ ٿئي، ملازم به آهن، وڊيو ڪٿي به ليڪ ٿي سگهي ٿي.هن وڌيڪ چيو ته پارٽي ۾ ڪنهن سان به ذاتي اختلاف نه آهن، پارٽي ۾ بحث جي حد تائين اختلاف آهن جيڪي ٿيڻ گهرجن.

پهنجو تبصرو موڪليو