نون ميمبرن حلف کڻي ورتو،لڳل ڌرڻو ختم ، ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن حلف کڻي ورتو،سنڌ اسيمبلي جو اجلاس 40 منٽن جي دير سان اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ شروع ٿيو، جنهن جي باضابطه شروعات تلاوت قرآن پاڪ سان ڪئي وئي، جنهن بعد نعت رسول مقبولﷺ پيش ڪئي وئي. آغا سراج دراني سنڌ اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن کان حلف ورتو، حلف کڻڻ وارن ۾ سنڌ جو نامزد وڏو وزير مراد علي شاهه، فريال ٽالپر، شرجيل ميمڻ، ناصر حسين شاهه ۽ ٻيا شامل هئا. سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن اردو، انگريزي ۽ سنڌي ۾ حلف کنيو.سنڌ اسيمبلي جي 168 ميمبرن مان 114 جو تعلق پيپلز پارٽي سان آهي جڏهن ته 36 جو تعلق ايم ڪيو ايم پاڪستان سان آهي.پي ٽي آءِ جا حمايتي آزاد اميدوار حلف کڻڻ لاءِ نه آيا، جڏهن ته جماعت اسلامي ۽ جي ڊي اي جا ميمبر به قسم کڻڻ لاءِ اسيمبلي ۾ نه آيا، نادر مگسي ڪار ريلي ۾ شرڪت سبب ڪراچي ۾ موجود ناهي، جڏهن ته نثار کهڙو ۽ ڄام مهتاب ڏهر سينيٽ ۾ پنهنجون سيٽون برقرار رکيون. ان کان علاوه دادو پيپلز پارٽي جي چونڊيل اميدوار عزيز جوڻيجو جو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ويو ۽ پي ايس 129 ڪراچي لاءِ جماعت اسلامي جي حافظ نعيم الرحمان جو به نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ويو.ٻئي طرف جي ڊي اي، جماعت اسلامي ۽ تحريڪ انصاف تي مشتمل اپوزيشن اتحاد سنڌ اسيمبلي ٻاهران احتجاج جو اعلان ڪيو آهي.هوڏانهن سنڌ جي گهرو کاتي ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي هڪ مهيني لاءِ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.

اليڪشن ۾ ڌانڌلي جو الزام، شارع فيصل تي احتجاج، پوليس جي شيلنگ، سخت ٽريفڪ جام

چونڊ ڌانڌلي خلاف ڪراچي جي مختلف شاهراهن تي احتجاجي مظاهرا ڪيا پيا وڃن.ڪراچي ۾ شارع فيصل تي نرسري تي احتجاج سبب نرسري کان ايف ٽي سي تائين ٽريفڪ جي رواني سخت متاثر ٿي آهي، جڏهن ته جي يو آءِ، جماعت اسلامي ۽ ٻين پارٽين پاران ڪارساز تي احتجاج پڻ جاري آهي.پوليس مظاهرين کي منتشر ڪرڻ لاءِ شيلنگ ڪئي، جنهن دوران پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ چڪريون پڻ ٿيون.ان کانسواءِ چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف ٽول پلازه تي به احتجاج ڪيو، جنهن سبب ڪراچي-حيدرآباد موٽر وي تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

پرواز جي شيڊول متاثر

ٻئي طرف شارع فيصل تي احتجاج سبب مسافرن کي ڪراچي ايئرپورٽ پهچڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، جنهن سبب اڏام جو شيڊول پڻ متاثر ٿيو آهي.فلائيٽ شيڊول متاثر ٿيڻ سبب ڪراچي کان دبئي، ڪراچي کان مسقط، ڪراچي کان لاهور ۽ ڪراچي کان اسلام آباد جون اڏامون دير جو شڪار آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو