سنڌ اندر رولو ڪتن جو آزار، شاگردن اسڪول وڃڻ ڇڏي ڏنو

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن رولو ڪتن جي ڏاڙهڻ جا واقعا ڏينهون ڏينهن وڌندا پيا وڃن ته ٻئي طرف رولو ۽ ڇتن ڪتن جي آزار سبب شاگردن اسڪول وڃڻ به ڇڏي ڏنو آهي جنهن ڪري سندن والدين سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا  آهن. نارو مان ساجد خادم سهتو مطابق خيرپور ضلعي جي ناري تعلقي جي مختلف شهرن ۽ علائقن چونڊڪو، ڪاٺوڙ، تجل شريف، مثالي ڳوٺ، ڦارهياڙو، سڪندرآباد، وڇاڻي اسٽاپ، محمودآباد سميت ٻين مختلف علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو ڪتا ڪيترن ئي ماڻهن ۽ چوپائي مال کي ڏاڙهي چڪا ايندڙ ويندڙ ماڻهو تمام گهڻو پريشان آهن. رولو ڪتن سبب اسڪولي ٻارڙن خوف مان اسڪول وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي. سڄي ناري تعلقي ۾ ويڪسين اڻلڀ هجڻ ڪري متاثر ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت علاج ڪرائن ٿا. ڪوٽڙي ڪبير مان پرويز حسين ڀنڊ مطابق يوسي ديهات ۽ ان جي آس پاس جي ڳوٺن ۾ به ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي جڏهن ته رستن تي ڪتن جا ٽولا پڻ نظر اچن ٿا جنهن ڪري ٻار اسڪول وڃڻ کان لنوائين ٿا. ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته اسان گهرن کان ٻاهر نڪري نه ٿا سگهون ڇاڪاڻ ته رولو ڪتن جا ڌڻ صبح شام توڙي رات جو رستن تي بيٺا رهن ٿا جنهن ڪري ڏاڍي تڪليف ٿي رهي آهي ۽ ٻار خوف وچان اسڪول وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي. شهرين سنڌ حڪومت سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته رولو ڪتن کان عوام جي جان آجي ڪرائي ڏيڻ سان گڏ ٻارڙن جو مستقبل بچايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

سنڌ اندر رولو ڪتن جو آزار، شاگردن اسڪول وڃڻ ڇڏي ڏنو” هڪ تبصرو

  1. تمام بهترين ڪم ڪري رهيو آهي سنڌيار ادارو ۽ حقيقي صحافت جو پڙاڏو آهي سنڌيار وسيع ۽ ٿوري ٽائيم ۾ تمام گهڻو مقبول ٿي رهيو آهي هي ادارو بهترين ۽ جاکوڙي
    ايڊيٽرز ۽ رپورٽرس جي ٽيم رکي ٿو،
    تمام بهترين ادارو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو