ڪراچي(رپورٽ مرتضي مهر ) سيد مراد علي شاهه 112 ووٽ کڻي ٽيون ڀيرو سنڌ جو وڏو وزير چونڊجي ويو، ايم ڪيو ايم جي اميدوار علي خورشيدي کي 36 ووٽ مليا، مراد علي شاهه ڪٽنب جي ڀاتين سميت ايوان ۾ پهتو ته سندس پرجوش آجيان ڪئي وئي سنڌ جي وڏي وزير جي چونڊ جي سلسلي ۾ اسپيڪر اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اڌ ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو.وڏي وزير جي چونڊ اوپن بيلٽ ذريعي ٿي، مراد شاهه 112 ووٽ حاصل ڪري ورتا،ايم ڪيو ايم جي خورشيدي 36 ووٽ حاصل ڪيا،سنڌ جي وڏي وزير لاءِ پيپلزپارٽي جو مراد علي شاهه ۽ ايم ڪيو ايم جو علي سهريا وچ ۾ مقابلو ٿيو،مراد علي شاهه جي حق ۾ ووٽ ڏيندڙن کي ساڄي پاسي وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته علي سهريءَ جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ وارن کي کاٻي پاسي وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. نادر مگسي جيپ ريلي ۾ شرڪت سبب ايم پي اي طور حلف نه کڻي سگهيو هو، سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل پي ٽي آءِ جي حمايت يافته 9 ميمبرز وڏي وزير جي چونڊ واري عمل جو بائيڪاٽ ڪيو..سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ملڪ جو مستقبل اسانجو قائد بلاول ڀٽو زرداري آهي، ملڪ جي سالميت ۽ استحڪام پهرين ترجيح آهي ان سان گڏ ڪچي جي ڌاڙيلن سميت اسٽريٽ ڪرائم جو خاتمو آڻيندس، ايٽمي قوت جو ڪريڊٽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ان کانپوءِ بينظير ڀٽو کي وڃي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽيون ڀيرو وڏو وزير چونڊجڻ کانپوءِ سنڌ اسيمبلي کي خطاب ڪندي ڪيو. پنهنجي خطاب ۾ هن چيو ته اڄ هن اسيمبلي ۾ پنجون ڀيرو بطور عوامي نمائندو چونڊجي آيو آهيان ۽ اسيمبلي ٽيون ڀيرو وڏو وزير چونڊيو آهي. پنهنجي تقرير جي شروعات قرآن پاڪ جي هڪ آيت سان ڪئي جنهن ۾ الله تعاليٰ فرمايو آهي ته ”کين چئو! ته پنهنجي رب کان دعا گهرندا رهو ته سچائي ۽ رضامنديءَ سان اندر آڻيو ۽ سچائي ۽ رضا سان مونکي ٻاهر آڻجان ۽ مون لاءِ ڪا مدد ڪندڙ قوت موڪليو.“ مراد علي شاهه الله تعاليٰ کان دعا ڪئي ته جهڙي ريت الله تعاليٰ 2016ع ۾ مونکي هن اسمبلي ۾ داخل ڪيو اهڙي ريت منهنجو عزت سان وڃڻ به لکيو هجي. هن پنهنجي گهرڀاتين کي ياد ڪندي چيو ته منهنجي والدين جون دعائون ۽ تربيت هميشه مون سان گڏ رهنديون، منهنجو خاندان هميشه ڏکئي وقت ۾ منهنجو ساٿ ڏنو. هن چيو ته مان پنهنجي شهيد قائد محترمه بينظير ڀٽو کي گهڻو ياد ڪريان ٿو، اها ئي هئي جنهن مون کي سياست ۾ آندو. هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جيل ۾ هوندي هئي، جڏهن هوءَ ٻاهر ايندي هئي ته مون کي ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو ملندو هو. هڪ ڀيري شهيد محترمه ڀٽو مون کي چيو ته مون کي سياست ۾ حصو وٺندي چونڊون وڙهڻ گهرجن ۽ اڄ مان هن جي مهربانيءَ سان هتي پهتو آهيان. هن چيو ته ادي فريال ٽالپر ڏکيو وقت ڏٺو آهي، کيس عيد جي رات جيل موڪليو ويو ان کانپوءِ صدر زرداري کي به گرفتار ڪيو ويو. هن چيو ته ساڳئي ايوان ۾ ٽن فٽن جي پنڌ تي ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪيون ويون، منهنجي لاءِ چيو ويو ته ڪنهن به وقت گرفتاري جو خطرو آهي پر منهنجي چيئرمين بلاول ڀٽو منهنجي لاءِ چيو ته جيڪڏهن مراد علي شاهه جيل ويندو ته منهنجو وڏو وزير جيل مان ڪم هلندو. هن چيو ته آغا سراج دراني هن اسيمبلي کي جيل مان هلايو ۽ ڪيسن کي منهن ڏيندو رهيو پر منهنجي قيادت ڪڏهن به مايوس نه ٿي ۽ دل نه هارائي. هن پنهنجي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته هن ڏکئي وقت ۾ پارٽي کي متحد ڪيو آهي. هن چيو ته مان پنهنجي قيادت جو ٿورائتو آهيان ته مون تي ٻيهر اعتماد ڪيو. مراد علي شاهه چيو ته هي عهدو سنڀالڻ آسان ناهي، الله تعاليٰ کان دعا آهي ته مون کي طاقت ڏئي ته جيئن مان انهن ڏکائين کي منهن ڏئي سگهان. هن سمورن اسيمبلي ميمبرن جي اعتماد ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪندي چيو ته مخالف ڌر سياست ۾ جمهوري روايت کي برقرار رکندي عمل کي اڳتي وڌايو، ڪوشش ڪندس ته ڪم ٻنهي پاسائن کان چڱيءَ ريت سرانجام ڏئي سگهجي. مراد علي شاهه چيو ته ماڻهو اسان جي فتح تي حيران آهن. هڪ صحافي چيو ته توهان ايتريون سيٽون ڪيئن حاصل ڪيون؟ تڏهن مون چيو ته اسان ماڻهن کي چڱي ريت ڄاڻون ٿا، اسان کين نبض پڪڙي ورتي آهي. هن چيو ته اسان کي به اليڪشن تي اعتراض آهن پر اسان قانوني رستو اختيار ڪنداسين، ملڪي سالميت کي خطري ۾ نه وجهنداسين، ملڪ کي هن وقت استحڪام جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان پنهنجيون وڃايل سيٽون واپس وٺنداسين. مراد علي شاهه چيو ته 2024ع جي اليڪشن اسان جا اڳوڻا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، هاڻي اسان کي وڌيڪ خدمت ڪرڻي پوندي. مخالف ڌر کي اميد آهي ته توهان مثبت ڪردار ادا ڪندا، سنڌ اسيمبلي جو جيڪو فورم توهان کي مليو آهي اهو عوام جي خدمت لاءِ استعمال ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ صوبي کي ڪيترائي مسئلا درپيش آهن، سڀ کان پهرين دهشتگردي جو خاتمو اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي. ڪچي وارا علائقن ۾ آپريشن اسان جي ترجيح هوندي، صوبي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جو مسئلو آهي ان کي حل ڪنداسين. ڊرگ مافيا جو خاتمو ۽ امن امان سميت هر قسم جي مسئلن جو خاتمو پهرين ترجيح هوندي. مراد علي شاهه، نگران وڏي وزير جسٽس مقبول باقر جو ٿورا مڃيندي چيو ته جسٽس باقر پنهنجي ڪابينا سان گڏ سنڌ اسيمبلي آيو آهي، اسان کي خوشي آهي ته اسان جي قيادت ۽ ان وقت جي اپوزيشن گڏجي هڪ بهترين چونڊ ڪئي. جسٽس باقر پنهنجو ڀلي ريت فرض نڀايو. هن چيو ته الله تعاليٰ هن صوبي کي وڏا امتحان ڏنا آهن. اسان ٻوڏ سميت ڪورونا وائرس جهڙين آفتن کي منهن ڏنو آهي. مخالف چون ٿا ته پيپلز پارٽي ڇو کٽي؟ هر هڪ پارٽي کي هڪ ليڊر جي ضرورت آهي ۽ اسان وٽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آهي. ٻوڏ دوران اسان جو چيئرمين هر هنڌ ويو ۽ ماڻهن کانئس گهرن جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته اسان پنهنجي عوام کي ڏکئي وقت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو آهي، اسان کين گهر ڏنا آهن ۽ وڌيڪ تعمير ڪري رهيا آهيون. مراد علي شاهه چيو ته آگسٽ-سيپٽمبر ۾ ٻوڏ آئي ۽ منهنجي ٽيم سميت بيوروڪريسي ڊسمبر ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو ۽ ورلڊ بئنڪ ۽ ٻين ادارن کان ٻه ارب ڊالر گڏ ڪيا. هن چيو ته منهنجي حلقي ۾ 32 هزار گهر آهن، هڪ گهر ۾ چار ڀاتين جي حساب سان هڪ لک 128 هزار ماڻهون ٿين ٿا پر مون کي رڳو 75 هزار ووٽ مليا آهن، رڳو انهن هنڌن وٽان جتي وڃڻ جي ضرورت نه هئي. مراد علي شاهه چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو آئين ڏنو جنهن جي مهرباني سان پاڪستان قائم آهي ۽ آصف علي زرداري هن آئين کي مضبوط ڪيو آهي. مراد علي شاهه هڪ پارٽي اڳواڻ جي تقرير جو حوالو ڏيندي چيو ته هن پنهنجي خطاب ۾ ايٽمي ٽيڪنالاجي جو ڪريڊٽ ورتو آهي ان تي آئون کيس ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اهو ڪريڊٽ اسان جي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ انکانپوءِ شهيد راڻي بينظير ڀٽو کي وڃي ٿو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جي دفاع کي ناقابل تسخير بڻايو تنهنڪري اهو ڪريڊٽ کيس وڃي ٿو. آصف زرداري جو نظريو هو ته جيڪڏهن هن ملڪ کي اڳتي وڌڻو آهي ته آئين کي مضبوط ڪرڻو پوندو ۽ اهوئي سبب آهي جو صدر زرداري پنهنجا سمورا اختيار پارليامينٽ کي منتقل ڪري ڇڏيا. انشاءَ الله ايندڙ مهيني آصف زرداري ٻيهر صدر جو حلف کڻندو، مراد علي شاهه سمورين پارٽين کي آصف زرداري کي ووٽ ڏيڻ جي درخواست ڪئي. هن چيو ته اسان فيصلو ڪيو آهي ته چونڊيل سنڌ ڪابينا حلف کڻندي عوام جي خدمت ڪندي پنهنجي قيادت کي ڪم ڪري ڏيکاريندي ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ بلاول ڀٽو کي اڪثريت سان وزيراعظم بڻائينداسين. بلاول ڀٽو زرداري ملڪ کي مصيبت مان ڪڍڻ لاءِ 10 نقاطي ايجنڊا پيش ڪيو آهي. اسان کي بلاول ڀٽو کي ملڪ جي اڳواڻي ڪرڻ جو موقعو ڏيڻو پوندو. وڏي وزير چيو ته اسان جنهن 10 نقاطي ايجنڊا جو ذڪر ڪيو آهي ان جو آغاز سنڌ صوبي ۾ ٿي چڪو آهي. هن چيو ته اسان جو ملڪ سخت مهانگائي ۽ بيروزگاري جو شڪار آهي جنهن تي بلاول ڀٽو چيو ته پنجن سالن ۾ پگهارون ٻيڻيون ڪيون وينديون. اسان 35000 بنيادي پگهار جو مطالبو ڪيو جنهن تي ٻين صوبن تمام گهڻو دٻاءُ وڌو ته اهو نه ٿي سگهندو پر اسان پنهنجي واعدي تان پوئتي نه هٽياسين ۽ ان وقت جي وزيراعظم سڄي ملڪ ۾ مطالبي جو اعلان ڪيو. هن چيو ته هن سنڌ ۾ 2 لک گهرن لاءِ سولر انرجي پروجيڪٽ شروع ڪيو آهي ان کي اڳتي وڌائينداسين. سڄي پاڪستان ۾ اسان جو صوبو صحت جي حوالي سان اڳتي آهي جتي سڄي ملڪ مان ماڻهو علاج لاءِ اچن ٿا. هن چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ 2 لک گهر ٺاهيا ويا آهن ۽ هاڻي اسان غريبن لاءِ به گهر ٺاهي رهيا آهيون. سنڌ ۾ هاري ڪارڊ شروع ڪيو ويو آهي، ٻوڏ دوران ٻج ۽ ڀاڻ لاءِ پيسن ڏيڻ لاءِ زميندارن ذريعي هاري پروگرام بڻايو. مراد علي شاهه پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسان سنڌ جي عوام کي اميدون ڏنيون آهن ۽ ڪارڪردگي ڏيکاري آهي جنهن لاءِ اسان کي ووٽ مليا آهن. ۽ انشاءَ الله پنهنجي ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ايندڙ ڀيري جنرل سيٽن جي سينچري ڪنداسين. هن چيو ته سماجي تحفظ کاتي پاران بک جي خاتمي واري پروگرام تي گهڻو ڪم ڪيو ويو آهي ۽ ان کي اڳتي وڌائينداسين. هن چيو ته بلاول ڀٽو سڄي سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جو منصوبو آڻڻ چاهي ٿو، انشاءَ الله ان تي ڪم ڪنداسين. مراد علي شاهه ڪراچي بابت کاٻي ڌر کي مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن ڪراچي کي اوهان کان وڌيڪ نه ته گهٽ به نٿو ڄاڻان. ڪراچي شهر، پيپلز پارٽي جي ميئر کي چونڊيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن جي ذهن ۾ اها ڳالهه آهي ته هو ڪراچي کي سنڌ کان الڳ سمجهن ته ان کي ختم ڪري ڇڏي. اچو ته گڏجي هن شهر ۽ صوبي لاءِ ڪم ڪريون. هن چيو ته هن اسمبلي جو جيڪو به مخالف ڌر جو اڳواڻ ٿيندو ان کي پاڻ سان گڏ کڻي هلندس، جيڪڏهن مخالف ڌر غلط روايتون برقرار رکندي ڪم نه ڪري سگهنداسين. پنهنجي خطاب جي آخر ۾ مراد علي شاهه فلسطين ۽ ڪشمير تي ٿيندڙ ظلم/ڏاڍ جي مذمت ڪئي.










