سنڌ اسمبلي مان جهلم تي بجلي گهر اڏڻ خلاف ٺهراءُ منظور

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسمبلي چشما جهلم لنڪ ڪينال تي پنجاب پاران بجلي گهر اڏڻ خلاف اتفاق راءِ سان  ٺهراءُ منظور ڪرائي ورتو. پيپلز پارٽي پاران عزيز جوڻيجو اهو ٺهراءُ پيش ڪيو. اپوزيشن وارا موجود هوندي ڪنهن به مخالفت نه ڪئي. ٺهراءَ بابت ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هي منصوبو سنڌ لاءِ نقصانڪار آهي. هن پي ٽي آءِ، ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي سميت ٻين پارٽين تي زور ڀريو ته هو اڱاري تي ٿيندڙ ڪابينا اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪن ۽ هي منصوبو ختم ڪرائين. هن وڌيڪ چيو ته اڳ م ڪالا باغ ڊيم جو منصوبو آڻيندا هئا هاڻي جهلم لنڪ ڪينال جو مسئلو اٿاريو آهي. هن چيو ته چشما جهلم لنڪ ڪينال غير مستقل وهڻ وارو واهه آهي ۽ 1991 جي معاهدي موجب هي رڳو ٻوڏ وقت واڌو پاڻي هئڻ جي صورت ۾ سنڌ جي اجازت بعد وهايو ويندو. هن چيو ته وزيراعظم مون سان ته ملي نٿو جو کيس ٻڌايان ته غلط ٿا ڪريو، حڪومت ۾ شامل دوستن جو فرض آهي ته سنڌ سان ٿيندڙ زيادتي تي آواز اٿارين. وڏي وزير چيو ته پنجاب وارن هڪ ٻئي فلڊ ڪينال گريٽر ٿر کي پاڻي چشما مان فراڊ ذريعي ڏنو آهي اهو بند ٿيڻ گهرجي ۽ ارسا ۾ وفاق جو نمائندو سنڌ مان مقرر ڪرن واري فيصلي تي عمل ڪرائين. هن چيو ته مون وزيراعظم کي خط لکيا پر هو جواب نٿو ڏئي ۽ هن مسئلي تي ٻيهر خط لکندس. سنڌ اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر فردوس شميم چيو ته وزيراعظم اڳ ۾ ئي پنجاب حڪومت کي چئي چڪو آهي ته بجلي گهر لاءِ جاري ڪيل اين او سي واپس ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو