’سنڌين ۽ سرائڪين جا ڏک ۽ سک ساڳيا آهن‘

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي ثقافت کاتي پاران سنڌو ماٿري ۽ سرائڪي وسيب جي تهذيب جي اهميت ۽ ماڻهن جي پاڻ ۾ گڏيل پيار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ”سنڌي سرائيڪي سانجهه“ پروگرام آرٽس ڪائونسل پاڪستان ڪراچي ۾ منعقد ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي وائيس چيئرمين يوسف رضا گيلاني، سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت واري وزير سيد سردار علي شاهه ۽ سينيٽر نثار کهڙو پڻ شرڪت ڪئي. نذير لغاري، جامي چانڊيو، جاويد چانڊيو، جهانگير مخلص۽ ٻنهي ٻولين جي شاعرن، اديبن ۽ دانشورن پڻ شرڪت ڪئي. مقررين چيو ته سنڌي ۽ سرائڪي هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن، سنڌ ۽ وسيب جي ماڻهن جي خوشي ۽ غم جو انداز هڪ جهڙو آهي. سنڌ جي ثقافت ۽ تعليم واري وزير سيد سردار شاهه ”سنڌي سرائيڪي سانجهه“ جي رٿيل تقريب جي موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته سنڌي ۽ سرائيڪي جنھن هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن ۽ اهو سڪو کوٽو سڪو ناهي. هن چيو ته گهڻي وقت کان اها ضرورت محسوس ڪئي پئي وئي ته سنڌي ۽ سرائڪي فنڪارن، اديبن، شاعرن ۽ دانشورن کي گڏ ويهارڻ جي ضرورت محسوس ڪئي پئي وڃي. ان سلسلي ۾ سنڌ جي ثقافت کاتي پاران قدم کنيو ويو جنهن جو نتيجو ”سنڌي سرائڪي سانجهه“ جي صورت ۾ اوهان جي سامهون آهي. سردار شاهه چيو ته جيئن سنڌ جي شاهه لطيف جي ٻولي عام ماڻهن جي ٻولي آهي، اهڙي طرح خواجه غلام فريد جي ٻولي به عام ماڻهن جي ٻولي رهي آهي، ٻنهي حصن جا ماڻهو امن، پيار ۽ ڀائيچاري جا سفير آهن. سردار شاهه چيو ته سنڌو ماٿريءَ جي ماڻهن وڌيڪ ڏک برداشت ڪيا آهن، ڇاڪاڻ ته هنن ڪڏهن به جنگيون نه وڙهيون آهن، انهن تي هميشه حملا ٿيا آهن. ثقافت واري وزير چيو ته سنڌي ۽ سرائڪي جي شاعري ۾ پيار، امن ۽ ڏک برابر ملن ٿا. صوبائي وزير سردار شاهه چيو ته سنڌ ۽ وسيب درد ۽ درياهه ذريعي ڳنڍيل آهن، ملتان ٻنهي حصن ۾ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ رهيو آهي . ٻنهي حصن جا ماڻهو سالن کان هڪ ٻئي سان گڏ رهندا پيا اچن. تعليم واري صوبائي وزير چيو ته اسان پاڪستان جي سمورن محڪوم قومن ۽ طبقن جي حقن لاءِ ڳالهائڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون. هن چيو ته اسان مظلوم قوميتن جي حقن لاءِ سندن ساٿ ڏيڻ کي پنهنجو فرض سمجهون ٿا. سردار شاهه چيو ته سنڌ جي گهرن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڳالهائي ويندڙ ٻولي سرائڪي به آهي. هن چيو ته اسان سنڌ جي مفادن کي ڪڏهن به نه ٿا ڇڏي سگهون. ثقافت واري وزير اعلان ڪيو ته سرائڪي اديبن ۽ دانشورن سان گڏ ملتان ۾ به هڪ پروگرام منعقد ڪيو ويندو. ان موقعي تي اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيو ته سنڌي سرائڪي سنگت منعقد ڪرڻ تي سنڌ جي ثقافت کاتي کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. سنڌ جي ثقافت واري وزير سردار شاهه ٻنهي پاسن جي ماڻهن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. يوسف رضا گيلاني چيو ته پاڪستان جي حق ۾ ٺهراءُ پاس ڪرڻ وانگر سنڌ اڄ تائين هر معاملي ۾ اڳرائي جي روايت برقرار رکي آهي. هن چيو ته سنڌ جي ڌرتي پاڪستان لاءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير جهڙن عظيم ليڊرن کي جنم ڏنو آهي. اسان سنڌي سرائڪي هڪ ٻئي کي آساني ۽ پيار سان سمجهي سگهون ٿا. يوسف رضا گيلاني چيو ته ارڙهين ترميم کانپوءِ سمورا اختيار صوبن کي ڏنا ويا ته جيئن اهي پنهنجا فيصلا ڪري سگهن. هن چيو ته بينظير ڀٽو شهيد به سرائيڪي صوبي جي حق ۾ هئي ته سرائڪن کي صوبو ملڻ گهرجي. هن چيو ته صوبو ملڻ سان محروميون ختم ٿي سگهن ٿيون، اصل ڳالهه اها آهي ته سرائيڪي عوام کي پنهنجي نمائنده اسيمبلي هئڻ گهرجي. يوسف رضا گيلاني چيو ته پيپلز پارٽي خيبرپختونخواهه جي ماڻهن کي سندن سڃاڻپ جو حق ڏنو، اڄ کين اين ايف سي مان حصو ملي رهيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اسان سرائيڪي صوبي جو بل سينيٽ ۾ منظور ڪرايو هو، ان کي اسيمبلي مان منظور ٿيڻو آهي. ان دوران کيس وزارت عظميٰ تان هٽايو ويو. هن چيو ته جڏهن مون کي هٽايو ويو ته آصف زرداري چيو هو ته هاڻي توھان کي سمجھڻ گھرجي ته توهان کي ڇو هٽايو ويو. يوسف رضا گيلاني چيو ته مون پاڪستان جي آئين تي عمل ڪندي صدر خلاف خط نه لکيو. ڇاڪاڻ ته آئين موجب ملڪ جي صدر کي استثنيٰ حاصل آهي، هن چيو ته هن عدالتن جو فيصلو به قبول ڪيو ۽ ڪڏهن به نه چيو ته مون کي ڇو ڪڍيو ويو! هن چيو ته مون تي دٻاءُ وڌو ويو ته سنڌ سان تعلق رکندڙ اڳواڻن سان خراب سلوڪ ڪيان . يوسف رضا گيلاني چيو ته پيپلز پارٽي پنهنجا اڻپورا ڪم ضرور مڪمل ڪندي. ان موقعي تي ڳالهائيندي سينيٽر نثار کهڙي چيو ته وسيب جي ماڻهن جو سنڌ سان محبت نظر ايندي آهي، وسيب جي عوام هميشه پاڪستان لاءِ سنڌ جي قيادت کي اهميت ڏني آهي. تقريب کي خطاب ڪندي جامي چانڊيي چيو ته سنڌ ۽ وسيب جو پراڻو رشتو آهي. سنڌ جڏهن به آئيني حقن جي لاءِ آواز بلند ڪئي ته وسيب جا ماڻهو سنڌ سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهي رهيا. جامي چانڊيو چيو ته وسيب جي عوام ڪالا باغ ڊيم خلاف اسان جو ساٿ ڏنو. تقريب کي نذير لغاري، جاويد چانڊيو، عزيز شاهد، اشو لال ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ان موقعي تي سنڌي ۽ سرائڪي شاعرن جو مشاعرو ۽ بعد ۾ موسيقي جي محفل پڻ منعقد ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو