سنڌ، پنجاب اختلاف تيز، صدر سرگرم، پي پي جا واڪ آئوٽ جاري

سنڌ، پنجاب اختلاف تيز، صدر سرگرم، پي پي جا واڪ آئوٽ جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)وفاقي حڪومت جي ٻنهي وڏين سياسي پارٽين، مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي جي قيادت، سنڌ ۽ پنجاب جي حڪومتن ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ بعد صدر آصف علي زرداري سومر تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي کي فوري ملاقات لاءِ ڪراچي سڏائي ورتو. ساڳئي وقت پيپلز پارٽي پاليمان جي ٻنهي ايوانن جي ڪاروائي دوران احتجاج ڪندي واڪ آئوٽ ڪيو آهي. جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڌريون ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ جي موڊ ۾ نه آهن. صدراتي هائوس پاران “ايڪس” تي ڪيل هڪ پوسٽ موجب، آصف زرداري ۽ محسن نقوي جي وچ ۾ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ۾ سنڌ ۽ پنجاب حڪومتن جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ تي ڳالهايو ويو. پوسٽ ۾ چيو ويو: “صدر آصف علي زرداري، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ته جيئن سنڌ ۽ پنجاب حڪومتن ۾ وڌندڙ تڪرار تي ڳالهه ٿي سگهي. صدر صاحب ان سلسلي ۾ گهرو وزير کي فوري طور ڪراچي طلب ڪيو آهي.” گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي پنجاب قيادت وچ ۾ ٻوڏ متاثرن جي معاوضي ۽ پاڻي جي حقن سميت مختلف معاملن تي لفظي جنگ جاري آهي، خاص طور تي چولستان ڪينالن جي منصوبي جي حوالي سان. سنڌ ۾ حڪمران پيپلزپارٽي کي پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز جي بيانن تي سخت اعتراض آهي، جڏهن ته مريم نواز جي پارٽي وفاقي حڪومت جي به اڳواڻي ڪري رهي آهي. ابتدائي طور تي تڪرار سيلاب جي معاوضي تان شروع ٿيو، پر پوءِ اهو سنڌو درياهه جي پاڻي جي ورهاست تائين وڌي ويو، جتي مريم نواز پيپلزپارٽي کي چيو ته “پنهنجو مشورو پاڻ وٽ رکو.” منهنجو پاڻي منهنجو پيسو، ڪنهن کي اعتراض ڇو؟
جواب ۾، پيپلزپارٽي جي ميمبرن گذريل هفتي پارليامينٽ جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ احتجاج طور واڪ آئوٽ ڪيو. بعد ۾ ٻنهي پارٽين جا اڳواڻ اسلام آباد ۾ مليا، جتي پيپلزپارٽي مريم نواز کي چيو ته “پنهنجي لهجي تي ٻيهر سوچيو.” بهرحال، مريم نواز جمعي ڏينهن اعلان ڪيو ته هوءَ پيپلزپارٽي کان معافي نه وٺندي، جڏهن ته پيپلزپارٽي چيو ته هوءَ پنجاب جي عوام جي نمائندگي نٿي ڪري، ڇو⁠ته سندس حڪومت “فارم 47” جي پيداوار آهي. ڇهه ڪينالن وارو منصوبو، جيڪو هاڻي روڪيو ويو آهي، سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ ڇڪتاڻ جو وڏو سبب بڻيو. منصوبو پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير پاران شروع ڪيو ويو، پر سي سي آءِ ان جي منظوري نه ڏني. وزيراعظم شهباز شريف، پنهنجي ڀاءُ ۽ مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي پارٽين جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي ڳالهايو، سندس گذارش هئي ته “تڪرار کي ٿڌو ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.” سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پنجاب حڪومت پيپلزپارٽي کي ڍال بڻائي وفاقي حڪومت کي نشانو بڻائي رهي آهي. اڄ به ٻنهي اتحادي پارٽين وچ ۾ لفظي جملن جو سلسلو جاري رهيو۔ پنجاب جي اطلاعات واري وزير اعظمه بخاري چيو ته پنجاب هميشه قدرتي آفتن ۾ وڏو ڀاءُ بڻجي مدد ڪندو رهيو آهي. هن چيو ته پنجاب ڪابينا کي افسوس آهي ته جڏهن صوبو تازي سيلابن مان گذري رهيو هو، ته ڪجهه ماڻهن انهيءَ صورتحال کي سياست لاءِ استعمال ڪيو. شيري رحمان خبردار ڪيو آهي ته “جيڪڏهن اسان جي قيادت کان معافي نه ورتي وئي ته ياد رکو، پيپلزپارٽي سينيٽ ۾ سڀ کان وڏي پارٽي آهي۔ اسان جو اتحاد ۾ حصو عام ڳالهه ناهي۔ اسان ڪجهه ٽوڙڻ نٿا چاهيون، پر اسان جي حمايت کي معمولي نه سمجھو.” ان ڳالهه کان پوءِ شيري رحمان سينيٽ مان پيپلزپارٽي جي ميمبرن جو واڪ آئوٽ ڪرائي ڇڏيو. قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته هر ڪنهن کي جمهوريت ۾ احتجاج جو حق حاصل آهي، پر لاهيون ۽ چاڙهيون ان جو حصو هونديون آهن. هن چيو ته هو قومي اسيمبلي ۾ ڪوشش ڪندو رهيو ته ٻنهي پارٽين جي تڪراري بيانن سبب پارلياماني ڪارروائي متاثر نه ٿئي. تارڙ ٻڌايو ته رانا ثناءُالله سينيٽ ۾ پيپلزپارٽي کي يقين ڏياريو ته انڊس درياهه مان پاڻي جي ورهاست صرف “اِرسا” معاهدي تحت ٿيندي. هن شيري رحمان جي “مهذب انداز ۾ ڳالهائڻ” جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته آصف زرداري ۽ نواز شريف ٻئي “مصالحت جا حامي” آهن. ان دوران، پي ٽي آءِ سينيٽر علي ظفر چيو ته هو “اتحادين جي وچ ۾ تاريخي مقابلو” ڏسي رهيا آهن. هن طنزيه انداز ۾ چيو: “اهو مقابلو ڏاڍو دلچسپ آهي، ڳالهه اها آهي ته ڪنهن سيلاب دوران ماڻهن جي وڌيڪ خدمت ڪئي.” هن چيو ته “پنجاب حڪومت جي مطابق هوءَ وڏي امداد ڏئي رهي آهي، پر اها امداد شايد متاثرن تائين نه پهتي هجي، ڪنهن جي کيسي ۾ وئي هجي.” قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ ايم اين اي اسد قيصر تاڙيون وڄائيندي چيو ته هو پيپلزپارٽي جي “دوستانه فائر” جي ڀليڪار ڪري ٿو. هن چيو، “جيڪڏهن اهي سنجيده آهن ته اچن ۽ اعتماد جي ووٽ پيش ڪن، اسان انهن سان گڏ آهيون.” اهو بيان ان کان پوءِ آيو جڏهن پيپلزپارٽي ايم اين اي راجا پرويز اشرف چيو ته انهن لاءِ اجلاس ۾ شرڪت جاري رکڻ مشڪل آهي، جيستائين پنجاب يا وفاقي سطح تان خاطري نه ملي. راجا پرويز اشرف ان کان پوءِ قومي اسيمبلي مان پيپلزپارٽي جي ميمبرن جو واڪ آئوٽ ڪرائي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو