گهر پهچي ويو آهيان،جدوجهد جاري رهندي:جبران

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) گذريل ڏينهن مبينا طور اغوا ٿيل سماجي ڪارڪن جبران ناصر گهر پهچي ويو آهي.پوليس عملدارن ان ڳالهه جي تصديق ڪندي چيو آهي ته پوليس ٽيم ڪجهه دير کانپوءِ جبران ناصر سان ملاقات ڪندي.واپسي کانپوءِ پنهنجي هڪ بيان ۾ جبران ناصر چيو ته مان باحفاظت گهر واپس اچي ويو آهيان، سمورن دوستن، صحافين، وڪيلن، بارڪونسل، سول سوسائٽي ۽ سياستدانن جو شڪريو ادا ڪريان ٿو، سڀني ماڻهن جي دعائن ۽ ڪوششن سان گهر واپس آيو آهيان.جبران ناصر وڌيڪ چيو ته توهان سڀ منهنجي ۽ منهنجي خاندان سان گڏ بيٺا، توهان سڀني منهنجي واپسي کي يقيني بڻايو، اهو عزم اڄ به قائم آهي ۽ جدوجهد جاري رهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو