ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل محمد سليم خان ۽ ڊائريڪٽر پريس انفارميشن عبدالماجد خان اڄ ڪراچي پريس ڪلب جو دورو ڪيو ۽ پريس ڪلب جي سالياني چونڊن ۾ ڪاميابي تي دي ڊيموڪريٽس پينل جي صدر فاضل جميلي، جنرل سيڪريٽري محمد سهيل افضل سميت سمورن نون چونڊيل ميمبرن کي واڌايون ڏنيون ۽ گلدستو پيش ڪيو ان موقعي تي ڳالهائيندي سنڌ جي اطلاعات کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل محمد سليم خان چيو ته ڪراچي پريس ڪلب هر دور ۾ پنهنجي پيشيور خدمتون ايمانداري سان سرانجام ڏنيون آهن ڊائريڪٽر پريس انفارميشن عبدالماجد خان چيو ته نوان چونڊيل صدر ۽ ميمبر شفاف صحافت ۽ صحافين جي حقن لاءِ پنهنجي روايت برقرار رکندا ۽ ڪراچي پريس ڪلب جي ڪردار کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم بڻائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا.










