ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مشهور اداڪار ۽ سپر اسٽار سلمان خان کي فلمي دنيا ۾ داخل ٿيندي 35 سال ٿي ويا آهن، هن پنهنجي فلمي ڪيريئر جون يادون شيئر ڪيون.سلمان خان سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي پنهنجي 35 سالن جي فلمي ڪيريئر جون يادون شيئر ڪيون آهن، جنهن ۾ سندس مشهور فلمن جا ڊائلاگ ۽ ايڪشن ڏيکاريو ويو آهي.پنهنجي پوسٽ ۾ سلمان خان لکيو ته 35 سال مون کي 35 ڏينهن وانگر لڳي رهيا آهن، پنهنجي پيغام ۾ اداڪار مداحن جي محبتن جو شڪريو به ادا ڪيو آهي.57 سالن جي اداڪار پنهنجي پهرين فلم ’مان پيار ڪيو‘ کان ٽائيگر سيريز جا منظر شيئر ڪيا. سلمان خان بالي ووڊ ۾ ڪيترين ئي سپر هٽ فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي.سلمان خان طرفان شيئر ڪيل وڊيو ۾ ڪيترائي مشهور ڊائلاگ پڻ شامل آهن. جن ۾ تري نام، وانٽيڊ، دبنگ، باڊي گارڊ ۽ ٻيون فلمون شامل آهن.










