واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان فلم ٽائيگر 3 جو پهريون پوسٽر جاري ڪري ڇڏيو.سوشل ميڊيا تي فلم جو پوسٽر جاري ڪندي سلمان خان لکيو ته هو اچي رهيو آهي! ان کان علاوه اداڪارا ڪترينا ڪيف به فلم جو پوسٽر پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي جاري ڪيو.ڪترينيا ڪيف پنهنجي پوسٽ سان گڏ لکيو ته ڪا حد ناهي، نه خوف آهي، نه پسپائي فلم جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي سلمان خان چيو ته ٽائيگر 3 هن سال ديوالي جي موقعي تي رليز ڪئي ويندي.










