اسلام آباد )ويب ڊيسڪ)ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته سعودي عرب اسٽيٽ بئنڪ ۾ 2 ارب ڊالر جمع ڪرايا آهن.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته دوست ملڪ سعودي عرب 2 ارب ڊالر اسٽيٽ بئنڪ ۾ جمع ڪرايا آهن. اسحاق ڊار چيو ته مان پنهنجي طرفان پاڪستان جي وزيراعظم، آرمي چيف ۽ سعودي حڪومت جو ٿورائتو آهيان. ناڻي واري وزير چيو ته مستقبل ۾ معاشي معاملن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي، پاڪستان جي معيشت اڳ کان بهتر آهي، جلد وڌيڪ استحڪام پيدا ٿيندو.
