سعودي عرب ۾ ٽڪ ٽاڪر صندل خٽڪ سان فراڊ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني ٽڪ ٽوڪر صندل خٽڪ سعودي عرب ۾ فراڊ جو شڪار ٿي وئي.صندل خٽڪ سان مبينا طور تي سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستاني ويزا لاءِ فراڊ ڪيو ويو، فراڊ ڪندڙ جو تعلق لاهور سان آهي.صندل خٽڪ چيو ته لاڳاپيل شخص پئسا وٺي پاسپورٽ رکي ٿو ۽ ويزا ڪينسل اسٽيمپ ڏيکاري ٿو ۽ ان ڪم لاءِ 10 هزار ريال گڏ ڪيا آهن.ٽِڪ ٽوڪر جو چوڻ آهي ته سندس خلاف ايف آءِ اي ۾ رپورٽ داخل ڪرائيندس.ٻئي طرف ايف آءِ اي عملدارن جو چوڻ آهي ته شڪايت ملڻ بعد قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو