جده (ويب ڊيسڪ) رٿابندي بابت وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته سعودي عرب سان به سي پيڪ جيان اقتصادي سهڪار قائم ڪرڻ چاهيون ٿا. پاڪستان قونصليٽ جده ۾ پاڪستاني ڪميونٽي سان خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته ملڪ جي ڊيفالٽ ٿيڻ جي خبرن ۾ ڪا صداقت ناهي، تحريڪ انصاف ڪوڙيون خبرون پکيڙي رهي آهي، 6 مهينن دوران اسان ملڪ کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچايو.هن چيو ته گذريل حڪومت جي ناقص پاليسين سبب ملڪي معيشت داءَ تي لڳل هئي، موجوده حڪومت آءِ ايم ايف سان معاهدي تي عمل ڪري معيشت کي بهتر بڻايو.سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ سڄي قوم کي هڪٻئي جي ڳچي پڪڙائي ڇڏي آهي، پي ٽي آءِ جو بيانيو مڪمل طور ڪوڙ ۽ نفرت تي ٻڌل آهي، هي وقت سياست نه پر قوم کي متحد ڪرڻ جو آهي.احسن اقبال چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني ملڪ لاءِ اسٽريٽجڪ پارٽنر جي حيثيت رکن ٿا، پي ٽي آءِ سي پيڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو هو، موجوده حڪومت ان کي ٻيهر شروع ڪيو.ن ليگ اڳواڻ چيو ته اسان سعودي عرب سان به سي پيڪ جهڙو اقتصادي سهڪار قائم ڪرڻ چاهيون ٿا، سي پيڪ تحت چين ۽ سعودي عرب کي گڏيل سيڙپڪاري جي آڇ ڪئي آهي.
