سعودي، قطر ۽ پاڪستان سميت سڀ مسلمان ملڪ ابراهيمي معاهدي تي صحيحون ڪن، ٽرمپ

سعودي، قطر ۽ پاڪستان سميت سڀ مسلمان ملڪ ابراهيمي معاهدي تي صحيحون ڪن، ٽرمپ

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سومر تي سعودي عرب، قطر ۽ پاڪستان سميت سڀني اسلامي ملڪن تي زور ڀريو آهي ته هو اسرائيل سان تعلقات بهتر ڪرڻ لاءِ ابراهيمي معاهدي تي صحيحون ڪن.
بظاهر ايران سان امن معاهدي کي ان ڳالهه سان مشروط ڪيو ته وچ اوڀر ۽ ٻين علائقن جي مسلمان اڪثريتي ملڪن کي اسرائيل سان لاڳاپا معمول تي آڻڻا پوندا۔
هي نئون مطالبو آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ هڪ امڪاني مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) جي پسمنظر ۾ سامهون آيو، جنهن جو مقصد جنگ کي سڀني محاذن تي ختم ڪرڻ ۽ ممڪنه طور تيل بابت رعايتون بحال ڪرڻ آهي۔
اهو ياد رکڻ گهرجي ته ٽرمپ جن ملڪن جا نالا ورتا، جن ۾ پاڪستان، سعودي عرب ۽ قطر شامل آهن، اهي روايتي طور فلسطين ۽ اسرائيل وچ ۾ ٻه رياستي حل جي حمايت ڪندا رهيا آهن، ۽ ان کي اسرائيل سان لاڳاپن جي معمول تي آڻڻ بابت ڪنهن به ڳالهه ٻولهه کان اڳ لازمي شرط سمجهندا آهن۔
هڪ ڊگهي سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ ٽرمپ انهن ملڪن جي فهرست جاري ڪئي، جن جي اڳواڻن سان هن ڇنڇر ڏينهن ايران سان جنگ ختم ڪرڻ جي ڪوششن بابت ڳالهايو هو.
“آمريڪا جي ان سموري محنت کان پوءِ، جيڪا هن انتهائي پيچيده معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪئي آهي، اهو لازمي هئڻ گهرجي ته اهي سڀئي ملڪ گهٽ ۾ گهٽ گڏيل طور ابراهيمي معاهدي تي صحيحون ڪن.”
گڏيل عرب امارات ۽ بحرين اڳ ۾ ئي ان معاهدي تي صحيحون ڪري چڪا آهن.
ابراهيم اڪارڊز معاهدن جو هڪ سلسلو آهي، جيڪو 2020 ۾ ٽرمپ جي دور ۾ طئي ٿيو هو، ۽ انهن جو مقصد اسرائيل ۽ انهن ملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ هو جيڪي تاريخي طور ان جا مخالف رهيا آهن۔ بهرحال، اهي معاهدا خطي جي ڪيترن ئي حصن ۾ عوامي سطح تي غير مقبول رهيا آهن، خاص طور تي ان ڪري جو اهي اسرائيلي-فلسطيني تڪرار جو حل پيش نٿا ڪن۔
ٽرمپ پنهنجي ٽرٿ سوشل پوسٽ ۾ لکيو: “ممڪن آهي ته هڪ يا ٻه ملڪ اهڙا هجن، جن وٽ ان ۾ شامل نه ٿيڻ جو ڪو سبب هجي، ۽ اهو قبول ڪيو ويندو، پر گهڻن کي تيار، خواهشمند ۽ قابل هئڻ گهرجي ته جيئن ايران سان هن ٺاهه کي وڌيڪ تاريخي بڻائي سگهجي۔”
“ان جي شروعات سعودي عرب ۽ قطر طرفان فوري صحيحين سان ٿيڻ گهرجي، ۽ باقي سڀني کي به ان جي پيروي ڪرڻ گهرجي۔ جيڪڏهن اهي ائين نه ڪندا ته پوءِ انهن کي هن معاهدي جو حصو نه هئڻ گهرجي، ڇو ته اهو خراب نيت ظاهر ڪري ٿو۔”
هڪ ڏينهن اڳ، آمريڪي سينيٽر لنڊسي گراهم جيڪو ٽرمپ جو ويجهو اتحادي ۽ اسرائيل جو مضبوط حامي آهي، ايڪس تي لکيو ته جيڪڏهن عرب ۽ مسلمان ملڪ ايران معاهدي جي حصي طور ابراهيم اڪارڊز ۾ شامل ٿين ٿا ته اهو “وچ اوڀر جي تاريخ جي سڀ کان اهم معاهدن مان هڪ” هوندو، پر هن خبردار ڪيو ته شامل ٿيڻ کان انڪار ڪنهن به معاهدي کي “ناقابل قبول” بڻائي ڇڏيندو۔
هن وڌيڪ چيو ته سعودي عرب، قطر ۽ پاڪستان، جو ابراهيم اڪارڊز ۾ شامل ٿيڻ خطي ۽ دنيا لاءِ انقلابي تبديلي کان گهٽ نه هوندو۔ اهو صدر ٽرمپ جو شاندار قدم آهي۔”
هن چيو: “هاڻي وقت اچي ويو آهي ته نئين وچ اوڀر جي مستقبل لاءِ جرئت سان قدم کنيا وڃن.” هن اميد ظاهر ڪئي ته عرب ۽ مسلمان ملڪ انهن معاهدن ۾ شامل ٿيندا، جنهن سان “عرب-اسرائيل تڪرار عملي طور ختم ٿي ويندو۔”
هن خبردار ڪيو: “جيڪڏهن اوهان صدر ٽرمپ جي تجويز ڪيل رستي تي هلڻ کان انڪار ڪيو ته ان جا اسان جي مستقبل جي لاڳاپن تي سخت اثر پوندا ۽ هي امن تجويز ناقابل قبول بڻجي ويندي۔ وڌيڪ اهو ته تاريخ ان کي هڪ وڏي غلط اندازي طور ڏسندي۔”
ايران خلاف آمريڪا-اسرائيل جنگ دوران، لنڊسي گراهم ايران ۾ حڪومت جي تبديلي جو مطالبو ڪيو هو، سعودي عرب کي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن هن تهران خلاف فوجي قدم نه کنيا ته “نتيجا” ڀوڳڻا پوندا، ۽ هن بي ڌڙڪ ايران تي آمريڪي حملن جي ساراهه ڪئي۔
هن هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ آمريڪا-ايران ڳالهين ۾ پاڪستان جي ثالثي واري ڪردار تي به شڪ ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ چيو ته جيڪڏهن آمريڪي ميڊيا جون اهي رپورٽون صحيح آهن ته پاڪستان اسلام آباد ڳالهين دوران ايراني جهازن کي پنهنجي هوائي اڏي تي بيهڻ جي اجازت ڏني، ته پوءِ “پاڪستان جي ثالثي واري ڪردار جو مڪمل ٻيهر جائزو وٺڻو پوندو۔”
ساڳئي ڏينهن ٽرمپ پاڻ به اشارو ڏنو ته عرب ۽ مسلمان ملڪن سان “حمايت ۽ سهڪار” وڌيڪ مضبوط ٿيندو جيڪڏهن اهي “تاريخي ابراهيم اڪارڊز” ۾ شامل ٿين۔ هن وڌيڪ چيو: “ڪير ڄاڻي، شايد ايران به شامل ٿيڻ چاهي!”
پاڪستان گذريل مهيني اسلام آباد ۾ ڳالهين جو ٻيو دور ملتوي ٿيڻ کانپوءِ ايران-آمريڪا امن عمل کي ٻيهر بحال ڪرڻ جي ڪوشش جاري رکيو ويٺو آهي۔
ٽرمپ اربع ڏينهن چيو ته ايران سان ڳالهيون آخري مرحلن ۾ آهن، ۽ خبردار ڪيو ته جيڪڏهن “محدود وقت” اندر معاهدو نه ٿيو ته حملا ٻيهر شروع ٿي سگهن ٿا۔
تنهن هوندي، هفتي جي آخر ۾ هن چيو ته امن معاهدي بابت هڪ مفاهمتي يادداشت وڏي حد تائين تيار ٿي چڪي آهي، جيڪا هرمز لنگهه کي کوليندي، ۽ ان جا تفصيل جلد جاري ڪيا ويندا۔
ان دوران، چيف آف ڊفينس فورسز ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير هفتي جي آخر ۾ تهران جو انتهائي اهم دورو ڪيو۔ ٻن ڏينهن وارو اهو دورو گذريل مهيني پاڪستان طرفان ميزباني ڪيل سڌين ڳالهين کان پوءِ سڀ کان اهم ثالثي ڪوشش قرار ڏنو پيو وڃي۔
آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل منير ايراني قيادت سان “اعليٰ سطح جون ملاقاتون” ڪيون، جيڪي “ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ تعميري رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ جاري ثالثي ڪوششن” جو حصو هيون۔
“ڳالهيون ان مشاورتي عمل کي تيز ڪرڻ تي مرڪوز رهيون، جيڪو خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي حمايت ۽ ڪنهن حتمي معاهدي تائين پهچڻ لاءِ جاري آهي،” آءِ ايس پي آر بيان ۾ چيو هو ته “گذريل چويهه ڪلاڪن دوران ٿيندڙ انتهائي ڳالهيون حتمي سمجهه ڏانهن حوصلا افزا اڳڀرائي جو سبب بڻيون آهن۔”
سي ڊي ايف ايراني صدر مسعود پزشڪيان، پارليامينٽ جي اسپيڪر ۽ چيف مذاڪراتڪار محمد باقر قاليباف، پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ گهرو وزير اسڪندر مومني سان ملاقاتون ڪيون۔
بيان ۾ ڪنهن وڏي پيش رفت جو اعلان نه ڪيو ويو، پر رات دير سان ميڊيا رپورٽن ۾ اشارو ڏنو ويو ته ڌريون هڪ معاهدي جي ويجهو آهن۔
28 فيبروري تي آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان ايران تي حملن جي شروعات کانپوءِ، تهران پاڙيسري خليجي ملڪن ۾ آمريڪي فوجي اڏن تي جوابي ميزائل حملا ڪيا، جنهن سان تڪرار وڌيڪ وڌي ويو۔
8 اپريل تي پاڪستان سميت ثالث ملڪن جي مدد سان جنگبندي تي اتفاق ٿيو، جنهن کي 21 اپريل تي اسلام آباد جي درخواست تي غيرمعينه مدت تائين وڌايو ويو، صرف ڪجهه ڪلاڪ اڳ جڏهن اها ختم ٿيڻ واري هئي۔
آمريڪي ڪانگريس جي هڪ رپورٽ موجب، پنهنجي فوجي مهم “آپريشن ايپڪ فيوري” دوران آمريڪا 42 جهاز وڃايا، جن ۾ جنگي جهاز ۽ سپورٽ جهاز شامل هئا۔

پهنجو تبصرو موڪليو