سستو تيل، حڪومت جون ڪوششون تيز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان چيو آهي ته روس کان جلد سستو تيل پاڪستان آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.روس کان تيل خريداري جي معاملي تي پيٽروليم ڊويزن ذريعن جو چوڻ آهي ته روس کان پهريون آزمائشي ڪچو تيل ڪارگو اپريل ۾ آڻڻ جي منصوبابندي آهي، ڪچي تيل جو اهو ڪارگو اپريل جي وچ کانپوءِ اچڻ جو امڪان آهي.ذريعن موجب روس کان تيل درآمد لاءِ ايس پي وي ڪمپني قائم ڪرڻ سميت سڀني معاملن تي ڪم جاري آهي، ايس پي وي ڪمپني قائم ڪرڻ لاءِ ايس اي سي پي سان رابطو ڪري رهيا آهيون.هوڏانهن پيٽروليم ڊويزن ترجمان چيو آهي ته روس کان تيل جي درآمد لاءِ ٻئي ملڪ رابطي ۾ آهن، گذريل هفتي روسي وفد ڪراچي ۾ پي ايس او اختيارين سان ڳالهيون به ڪيون، ڪوشش آهي ته روس کان جلد سستو تيل پاڪستان اچي.

پهنجو تبصرو موڪليو