سرگوڌا ۾ بس ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 3 مسافر فوت

سرگوڌا (ويب ڊيسڪ)سرگوڌا ۾ پشاور کان لاهور ويندڙ بس جو ٽائر ڦاٽڻ سبب حادثو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 مسافر فوت ٿي ويا.ذريعن موجب حادثو موٽر وي جي ڪوٽ مومن انٽرچينج وٽ ان وقت پيش آيو جڏهن مسافر بس ٽائر ڦاٽي وڃڻ سبب ڪلٽي ٿي. حادثي ۾ 15 مسافر زخمي ٿي پيا، جڏهن ته پنجن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي. ريسڪيو اهلڪارن فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو