سرگوڌا: ڪار ۽ رڪشا ۾ ٽڪر، عورت فوت، 5 زخمي

سرگوڌا: ڪار ۽ رڪشا ۾ ٽڪر، عورت فوت، 5 زخمي

سرگوڌا: (ويب ڊيسڪ) سرگوڌا ۾ ڪار ۽ رڪشا جي ٽڪر ۾ هڪ عورت فوت ۽ ٽن عورتن سميت پنج ماڻهو سخت زخمي ٿي پيا.حادثو ڌريما جي ويجهو پيش آيو. اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ امدادي ٽيمن جي وڏي نفري به موقعي تي پهچي وئي. فوت ٿيل عورت جي لاش ۽ زخمين کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ٽنهي زخمين جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪار جو ڊرائيور واقعي واري هنڌ تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، ڪار کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ ڊرائيور جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو