’سرڪاري پاليسي هيٺ افغانين جا ڪارڊ ٺهيا، منهنجو پٽ بيگناهه آهي‘

’سرڪاري پاليسي هيٺ افغانين جا ڪارڊ ٺهيا، منهنجو پٽ بيگناهه آهي‘

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) منهنجو پٽ بيگناهه آهي، اڳ ۾ وفاقي حڪومت بهارين، برمين ۽ افغانين کي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جي پاليسي هيٺ شناختي ڪارڊ ٺاهيا هئا.
اهڙو اظهار سينئر صحافي سهيل سانگي گرفتار نادرا ملازمن جي عدالت ۾ حاضري وقت ٽائم نيوز سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته نادرا پاڻ ڪا انڪوائري ناهي ڪئي اوچتو وفاقي ادارن ڪاروائي ڪئي.
افغانستان جي رويي سبب هاڻي هنن نئين پاليسي ٺاهي آهي ته ڪارڊ جاري ڇو ڪيا ويا آهن. هن چيو ته چونڊيل نمائندا ۽ اسٽيرنڊنگ ڪاميٽين جا ميمبر آفيس ۾ ويهي غير ملڪين جا ڪارڊ ٺهرائيندا هئا.
هن چيو ته ايف آءِ اي 20 تاريخ تي فياض سميت 3 نادرا ملازمن ۽ هڪ ايجنٽ کي گرفتار ڪيو ۽ عدالت ۾ 48 ڪلاڪن بعد پيش ڪيو ويو.
سهيل سانگي چيو ته هو وفاقي ادارن جي الزامن کي رد ٿو ڪري. اسين هر عدالتي فورم تي وينداسين. هن چيو ته فياض سميت نادرا ملازمن تي تشدد ڪري خالن پني تي صحيحون ڪرايون آهن.
هن چيو ته ڪجهه وفاقي ڌرين اسانجي فيملي کي بدنام ڪرڻ لاءِ مهم هلائي رهيا آهن. جڊيشل مئجسٽريٽ ايف آءِ اي کي جوابدارن جو ٽن ڏينهن جو رمانڊ ڏنو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو