سرڪاري وڪيلن جي پگهار، الائونس ۾ واڌ جي سمري منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت سرڪاري وڪيلن جي پگهار ۽ الائونس ۾ 30 سيڪڙو واڌ جي سمري منظور ڪري ورتي.ذريعن موجب وڏي وزير قانون واري وزارت جي سمري منظور ڪري ورتي، هاڻ ڪابينا مان منظوري ورتي ويندي. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل جي پگهار هڪ لک 30 هزار رپيا، جڏهن ته هائوس رينٽ 70 هزار رپيا ڪرڻ جي سمري منظور ڪئي وئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل کي 21هين گريڊ جي برابر ميڊيڪل سهولت ۽ نان پريڪٽسنگ الائونس 5 لک 20 هزار ڪرڻ جي سمري منظور ڪئي وئي آهي.اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل جي پگهار هڪ لک 4 هزار رپيا ۽ نان پريڪٽسنگ الائونس سوا 3 لک رپيا ڪرڻ جي سمري منظور ڪئي وئي آهي.ذريعن موجب اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل کي 19هين گريڊ جي ميڊيڪل سهولت ڏيڻ جي سمري منظور ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو