سجاول ضلعو لاقانونيت جي باھ ۾ سڙي پيو: قومي عوامي

دڙو (ن س) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجي، ايڊووڪيٽ روشن ڪنراڻي، ايڊووڪيٽ منور جتوئي الطاف خاصخيلي،اشرف پليجو خادم سمون، ايڊووڪيٽ ڊاڪٽر گلزار جماڻي، شوڪت تنيو ۽ ٻين اڳواڻن چيو تہ سجاول ضلعو بدامني، ڦرون، منشيات ۽ لاقانونيت جي باھ ۾ سڙي رھيو آھي شھرن ۽ ڳوٺن جا روڊ رستا ڏوھارين جي حوالي ٿيل آهن پوليس ڏوهارين اڳيان بيوس لڳي پئي آهي ۽ چونڊيل نمائندا خاموش تماشائي بڻيل آهن، بدامني ۾ واڌ سبب سجاول ضلعي ۾ غنڊہ راڄ قائم ٿيل آھي ۽ سجاول ضلعي سميت سنڌ منشيات جو ڳڙھ بڻجي وئي آھي، سرڪار جي رٽ نظر نٿي اچي. سجاول ضلعي جي عوام کي ڏوھارين، ڀوتارن،لٺ سردارن جي رحم وڪرم تي ڇڏيو ويو آهي اڳواڻن چيو تہ پيپلزپارٽي جي ڪرپٽ حڪمرانن سنڌ کي خونن، ڌاڙن، اغوائن، ٻوڙائڻ، پنائڻ، بدامني، لاقانونيت، منشيات، ڪرپشن ۽ خودڪشين کان سواء ٻيو ڇا ڏنو آھي،سنڌ جو عوام غلامي مان نجات لاء جدوجھد جي ميدان تي اچي. اڳواڻن چيو تہ سجاول ضلعي جي نااهل ايس پي ڏوهارين کي ڏوه ڪرڻ جي مڪمل ڇوٽ ڏئي ڇڏي آھي جنهن ڪري چوھڙجمالي، دڙو، بٺورو، ٻنون،جهوڪ شريف، جاتي چوڪ ۽ مختلف ڳوٺن ڏانهن ويندڙ رستا ڏوهارين جي حوالي ٿيل آھن ۽ روزانو رستي ويندڙ ماڻھن گاڏيون موبائل فونون ۽ ڪيش رقم ڦر ڪرڻ جي وارداتن ۾ تيزي اچي وئي آھي جنهنڪري عوام سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيو آھي. ھنن اڳواڻن وزير اعلي سنڌ مراد علي شاھ ۽ آءِ سنڌ کان مطالبو ڪيو تہ ڏوھارين ۽ منشيات فروشن جي ساٿاري ايس ايس پي سجاول امداد شاھ کي فوري طور نئون ايماندار ايس ايس پي سجاول مقرر ڪيو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو