لاهور (ويب ڊيسڪ)بهاولپور، بهاولنگر ۾ ستلج درياهه ۾ پاڻي جي سطح ۾ اضافو جاري آهي، جهنگ ۾ درياهه جي پٽي تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويا.سنڌ ۾ ڪوٽ مٺن ۾ پاڻي جي سطح وڌي وئي آهي.چناب درياهه ۾ جهنگ وٽ ٻوڏ واري ريلي جو وهڪرو گهٽجڻ شروع ٿي ويو آهي. ٻئي طرف نارووال وٽان ٻوڏ جو وهڪرو گذرڻ باوجود راوي درياهه جي حفاظتي بند ڀرسان هزارين ايڪڙ زرعي زمين پاڻي هيٺ اچي وئي.
