ستاره امتياز ايوارڊ ملڻ کانپوءِ بابر اعظم جو پهريون ٽوئيٽ

لاهور(ويب ڊيسڪ)قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ۽ ڪيترن ئي عالمي رڪارڊن جي مالڪ بابر اعظم ستاره امتياز جو اعزاز حاصل ڪرڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي پنهنجو پهريون بيان جاري ڪيو آهي.ڪپتان ٽوئٽر تي پنهنجي والدين سان تصوير شيئر ڪندي لکيو ته ”ماءُ ۽ پيءُ جي موجودگي ۾ اسٽار ڊسٽريشن حاصل ڪرڻ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي. بابر لکيو ته هي ايوارڊ منهنجي والدين، مداحن ۽ پاڪستان جي عوام لاءِ آهي.گورنر هائوس لاهور ۾ يوم پاڪستان جي موقعي تي ٿيل تقريب ۾ بابر اعظم کي ستاره امتياز سان نوازيو ويو بابر اعظم کي پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان ستاره امتياز سان نوازيو.

پهنجو تبصرو موڪليو