سانگهڙ (ن س )سانگهڙ ۾ 13 ورهين جي ڇوڪري مبينا طور پنهنجي گلي ۾ ڦاٿل ڦاٽو وجهي خودڪشي ڪري ڇڏي.مقتول جي ماءُ جو چوڻ آهي ته مقامي ڇوڪرو سندس ڌيءَ جي تصوير سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪئي هئي.مقتول جي ماءُ جو چوڻ هو ته جوابدارن پاران بليڪ ميل ٿيڻ سبب سندس ڌيءَ خودڪشي ڪئي آهي.ٻئي طرف پوليس جو چوڻ آهي ته لاش پوسٽ مارٽم ۽ قانوني ڪارروائي لاءِ تعلقي اسپتال ٽنڊي آدم منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته وارثن پاران نامزد جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، واقعي جي سمورن رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.










