سانا طرفان پاڻي ڪانفرنس،ڪئنال ڪڍڻ زندگي ۽ موت جو مسئلو قرار

سانا طرفان پاڻي ڪانفرنس،ڪئنال ڪڍڻ زندگي ۽ موت جو مسئلو قرار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ سانا پاران پاڻي ڪانفرنس ـ پ پ سميت شريڪ ٿيل سياسي پارٽين ـ اديڀن ۽ دانشورن نون ڪينالن کي رد ڪري ڇڏيو ـڪالھ آرٽس ڪائونسل ۾ ڪوٺايل سنڌ جي پاڻي تي ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي خطاب ڪندي چيو ته پنجابي تسلسل سان سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا پيا ھڻن ڏيڍ سو سال کان منصوڀا ڀندي تحت سنڌ جو پاڻي کسيو پيو وڃي ـ پنجاب طئي ڪيو آهي ته سنڌ کي تباھ ڪندو ـ سنڌ ۾ جيڪڏهن اھڙي تسلسل سان جدوجهد ٿي ھا ته اسان کي اڄ ايئن ڀوڳڻو نه پوي ھا۔ حيدر بخش چتوئي ٿورو گهڻو ڪم ڪيو پر اھو رڳو ھارين کي زمين ڏيڻ لاء ڪم ڪيو باقي ڪينالن تي ڪنهن ڪم نه ڪيو رسول بخش پليجو ڪالا باغ ڊيم خلاف تحريڪ ھلائي سندس ڀاء غلام قادر پليجو وڃي ٺيڪو کنيو ھو۔ سنڌ ۾ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم اسمبلي ۾ آھن انھن ٻنھي جو سنڌ خلاف موقف آھي ۽ انھي تي عملي طور ڪم ڪن پيا ـ ھن چيو ته ڪمون شھيد تي بينظير جي ڌرڻي جون ڳالهيون ٿين ٿيون پر اھو ڌرڻو پونم چي پليٽ فارم تان لڳو ھو جنهن ۾ اسين سڀ گڏ ھئاسين ـميڊيا سان ڳالھائيندي ھن چيو ته پاڻي جي بقا واري ھن جدوجدھد ۾ پ پ وفاقي حڪومت سان گڏ بيٺل آھي انھن کي انھي جدوجهد ۾ گڏ نٿا کڻي ھلي سگهون۔ پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کھڙي چيو ته سنڌ جي پاڻي تي پ پ جو چٽو موقف آھي۔ مونکي جڏهن ايڪنڪ ۾ ويھڻ جو موقعو مليو ھو ته ان وقت اسان چيو ته ونسا کان گڊو تائين پاڻي جوري ٿو ٿي۔ ان وقت ٽيلمينٽري سسٽم لڳائڻ جو فيصلو ٿيو گرين انيشٽو منصوبو نگران حڪومت ۾ ٺھيو ـارسا ايڪٽ ۾ ترميمي بل خلاف اسان سنڌ اسمڀلي ۾ ٺھراء پيش ڪيو۔ گڏيل طور ارسا ايڪٽ کي رد ڪيو ۽ ھاڻي ڪينالن جون ڳالهيون ٿي رھيون آھن ته اھي سي سي آء ۾ ڪينالن جو معاملو ڇو نٿا کڻي وڃن؟ سي سي آء جو اجلاس ڪيتري ئي عرصي کان ناھي ٿيو۔ ھر ٽن مھينن ۾ ھڪ اجلاس ٿيڻو آھي پر ھاڻي ارڙھين ترميم به وئي ۽ حڪومت انھي تي عمل نٿي ڪري اجلاس نٿو ٿئي نتيجا ڪھڙا به نڪرن پر صوبو انھي اجلاس ۾ ويٽو ڪري ٿو سگھي۔ چولستان جي لاء پاڻي سنڌو درياء مان ئي ويندو۔ ميڊيا سان ڳالهائيندي ھن چيو ته احسن اقبال ڪجهه به چوي پر جيستائين سنڌ راضي نه ٿيندي ڪو به ڪينال نه ٺھندو۔ جونيئر ذوالفقار ڀٽو سان ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي چيو ته سنڌو دريا جي پاڻي کي سڪائڻ سان نه رڳو زمينون غير آباد ٿين پيون پر ماحولياتي اثر به پيدا ٿيڻ پيا ڇهن ڪينالن سان 12 ملين ايڪڙ زمين تباھ ٿيندي دريا جي 60 سيڪڙو ٻلهڻ به خطري ۾ آهي ـ ماحولياتي تباھي کان بچڻ لاء انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي ڇڏيو وڃي۔ ميڊيا سان ڳالھائيندي ھن چيو ته آئون سنڌ جي ماڻهن سان گڏ سياست ڪريان پيو۔ اليڪشن واري سياست بابت اڃا فيصلو ناھي ڪيو۔ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند وسند ٿري چيو ته ڇهه نون ڪئنالن جي تعمير آبي دهشتگردي آهي. سنڌو درياهه تي نون ڪئنالن جي تعمير عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي. پيپلز پارٽي سرڪار سنڌو درياهه وڪرو ڪري رهي آهي. وفاقي سرڪار پيپلز پارٽي جي سهڪار سان ڇهه نوان ڪئنال ٺاهي رهي آهي آهي.ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڇهه نون ڪئنالن خلاف عوامي تحريڪ طرفان 18 جنوري تي اسلام آباد ۾ ڪانفرنس ڪئي ويندي. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون چيو ته ڪالا باغ ڊيم جيان ڇهه نون ڪئنالن جي منصوبن خلاف به سنڌياڻي تحريڪ مثالي جدوجھد ڪئي آهي. پيپلز پارٽي مڪر بند ڪري، سنڌ جو درياھ ۽ زمينون پيپلز پارٽي ڪرسي خاطر وڪڻي رھي آھي. عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ بخشل ٿلھو چيو ته گرين اينيشٽو جي نالي تي سنڌ کي تباھ ڪيو پيو وڃي۔ جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناھي۔ ھاڻي اسانجي زندگي ۽ موت جو مسئلو پاڻي آھي۔ ھن پ پ سنڌ چي صدر نثار احمد کھڙو سان مخاطب ٿيندي چيو ته ايم سيد ۽ رسول بخش پليجو سدائين مظلومن چي پاسي بيٺل رھيا ۽ اھي ظالمن جي پاسي ڪڏهن ڪون بيٺا۔ سيمينار کي نامياري ڪانفرنس نصير ميمڻ ـ جگديش آھوجا۔ شبينا فراز ـ سانا جي صدر مقڀول ھاليپوٽو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو۔

پهنجو تبصرو موڪليو