ساريالي فصل تي بيماري جو حملو، ٻوٽا سڙڻ لڳا،آبادگار پريشان

پکو (عبدالوحيد ميئو) ساريالي فصل تي ڪاري مهلي جو حملو , ساريون سڪڻ لڳيون آهن، سنگن ۾ چانورن بجاءِ  پاپڙ ي پيل،  سنگ کسي ٿي ويا ۽ ڪٿي ڪٿي ته سارين جا ٻوٽا  رنگ مٽائي سڪي ويا آهن. سوين ايڪڙن تي مشتمل ساريالي فصل کي بيماري لڳڻ سبب آبادگار سخت پريشان آهن. آبادگارن طرفان بيماري جي بچاءَ لاءِ  مختلف زرعي دوائن جا اسپري ڪيا ويا پر فصل کي فائدو نه رسيو آھي.

ان حوالي سان آبادگارن حاجي عرس مغيري ، بھادر ، شمن علي , سليمان کوکر , محمد حسن , جمن , دادن مغيري , گھنور علي ۽ گھرام مغيري ۽ ٻين ٻڌايو ته  مقامي زرعي ماهرن کي به ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي. آبادگارن وڌيڪ چيو ته  25 آگسٽ کان 10 سيپٽمبر جي وچ واري وقت ۾ نيسر ڪندڙ سڀ ھائبرڊ ٻج وائرس جي لپيٽ ۾ اچي ويا آھن. ان وقت کان اڳ نسريل ساريون ڪجھ بھتر آهن. آبادگارن  ايگريڪلچر ڊپارٽمينٽ کي اپيل ڪندي چيو ته باقي بچيل فصل کي بچائڻ لاءِ فور اپاءَ ورتا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو