سائفر ڪيس ۾ ضمانت، ايف آئي جي مخالفت بعد ٻڌڻي ملتوي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سائفر ڪيس ۾ گرفتار پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي 4 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.اسپيشل ڪورٽ جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ذريعن موجب بابر اعواڻ ۽ سلمان صفدر پي ٽي آءِ جي ضمانت واري درخواست تي دليل ڏنا ۽ سلمان صفدر چيو ته اٽڪ جيل ۾ چيئرمين پي ٽي آءِ جي وڪيلن کي ملاقات کان روڪيو پيو وڃي، پي ٽي آءِ جي وڪيلن کي اٽڪ جيل ۾ هڪ کان اڍائي ڪلوميٽر پنڌ ڪرڻو پيو. اٽڪ جيل ۾ ٽرائل خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ٻڌڻي دوران شاهه محمود قريشي جو وڪيل علي بخاري به عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ چيو ته هو اڄ پنهنجي موڪل جي ضمانت واري درخواست تي دليل ڏيڻ چاهي ٿو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيلن ضمانت واري درخواست تي دليل ٻڌڻ جي درخواست ڪئي، جڏهن ته اسپيشل پراسيڪيوٽر ايف آءِ اي چيئرمين پي ٽي آءِ جي ضمانت واري درخواست تي اڄ دليل ٻڌڻ جي مخالفت ڪئي. ذريعن موجب اسپيشل پراسيڪيوٽر ايف آءِ اي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ جي قانوني ٽيم طرفان داخل درخواستن تي اعتراض واريندي چيو ته هنن ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي. ذريعن موجب ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر چيو ته چيئرمين پي ٽي آءِ ان حوالي سان درخواستون هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرايون آهن، جڏهن ته چيئرمين پي ٽي آءِ جي وڪيل انتظار پنجوٿا چيو ته اسان هاءِ ڪورٽ مان درخواستون واپس وٺون ٿا.هاءِ ڪورٽ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ملتوي نه ڪئي آهي. ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر چيو ته ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي آهي، هاڻي ڪجهه نٿو ڪري سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو