اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ تحت قائم خاص عدالت ڪرپشن ڪيس ۾ اسد عمر جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.پي ٽي آءِ جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري اسد عمر آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ڪيس ۾ عبوري ضمانت لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ورتو.اسد عمر اسلام آباد جي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت ۾ گرفتاري خلاف درخواست داخل ڪئي.اسد عمر درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته سندس خلاف سائفر ڪيس سياسي بنيادن تي ٺاهيو ويو، سائفر ڪيس کيس هراسان ڪرڻ ۽ بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته اسد عمر خلاف سائفر ڪيس بي بنياد آهي، ڪيس ۾ داخل شقون غلط آهن، اسد عمر جاچ لاءِ تيار آهي، ان ڪري ضمانت واري درخواست منظور ڪئي وڃي.آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ڪيس ۾ عدالت اسد عمر جي هڪ لک رپين جي مچلڪن عيوض 29 آگسٽ تائين ضمانت منظور ڪري ورتي.
