زيرڪ شاهه جو ڪيس مان نالو خارج ڪرڻ واري درخواست رد

سکر(بيورو رپورٽ)خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ واري ريفرنس ۾ سندس ننڍي پٽ زيرڪ شاهه جو نالو خارج ڪرڻ واري درخواست عدالت رد ڪري ڇڏي آهي. احتساب عدالت جي جج فريد قاضي جي عدالت اهڙو فيصلو ڏنو. نيب جو چوڻ آهي ته زيرڪ شاهه ريفرنس ۾ اهم جوابدار آهي سندس اڪائونٽس مان ڪروڙين روپين جي ٽرانزيڪشن ٿي آهي.ياد رهي ته نيب ريفرنس ۾ خورشيد شاهه ٻن سالن کان حراست ۾ آهي ۽ سندس پٽ ايم پي اي فرخ شاهه به جيل حوالي ٿيل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو