زوري ڪندڙ خلاف ڪيس داخل، گرفتار نه ٿيو،انصاف لاءِ اپيل

ڪوٽڙي ڪبير(پرويز حسين ڀنڊ) ظلم جي ستايل مسمات اختيار خاتون زال مظھر علي سمون ويٺل ھالاڻي صحافين کي ٻڌايو ته آء ڏينھن جو گھر ۾ ستي پئي ھيس ته ھالاڻي ٽائون ڪاميٽي جو ملازم سيد جبار علي شاهه گھر ۾ گھڙي جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي. مون مزاحمت ڪئي ۽ دانهون ڪيون ته مڙس به پهچي ويو، جنهن بعد جبار شاه ڌمڪي ڏني ته ڪنهن کي به شڪايت ڪئي وئي ته ٻنهي کي قتل ڪندو. ھن روئيندي ٻڌايو ته اسان قتل جي خوف کان گھران نڪري ايس ايس پي آفيس نوشھروفيروز پھتاسون, جتي لکت ۾ فريا ڪئي. جنھن تي نوٽيس وٺندي محرابپور ٿاڻي کي ايس ايس پي  ايف آء آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڪيو. پوليس جوبدار کي بااثر سمجھي  گرفتار نه ڪيو. ھن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ،  وزير اعلي سنڌ ، آء جي سنڌ ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي ٻانھون ٻڌي اپيل ڪئي ته خدارا درنده صفت جبار شاهه کي گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي,

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو