زنده ۽ صحتمند آهيان، منهنجي موت جون خبرون غلط آهن: اداڪار

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي مشهور اداڪار اسلم شيخ پنهنجي موت جي خبرن کي ڪوڙو قرار ڏيندي چيو آهي ته اهڙي خبر کيس ۽ سندس خاندان کي ذهني اذيت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.روزاني جنگ سان ڳالهائيندي اسلم شيخ جو چوڻ هو ته مان ڪوڙي خبرون پکيڙڻ وارن کي اپيل ٿو ڪيان ته خدارا اهڙي قسم جون ڪوڙيون خبرون پکيڙي عوام کي تڪليف ۾ نه وجهي.اسلم شيخ چيو آهي ته اهڙين ڪوڙن خبرن مان سانحو به جنم وٺي سگهن ٿا، حقيقت اها آهي ته پنجاب ۾ اسلم شيخ نالي هڪ اداڪار هو، هو مري ويو ۽ ڪنهن منهنجي تصوير سان اها خبر وائرل ڪئي ته مان فوت ٿي ويو آهيان.هن چيو ته تڏهن کان کيس ۽ سندس خاندان کي سڄي دنيا مان فون ڪالز اچڻ شروع ٿي ويون ۽ تڏهن کان اهي گواهي ڏئي رهيا آهن ته هو جيئرو آهي.اسلم شيخ جو چوڻ آهي ته روزاني جنگ ذريعي دنيا کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته هو جيئرو ۽ ٺيڪ آهي ۽ ماڻهو ڪوڙي خبرن کان پريشان نه ٿين ۽ مون کي پنهنجي دعائن ۾ ياد رکن.گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان اسلم شيخ سوشل ميڊيا تي پنهنجي مداحن کي يقين ڏياري رهيو آهي ته هو زنده آهي.پاڪستان جو مشهور ٽي وي ۽ فلمي اداڪار اسلم شيخ جيڪو پنهنجي بهترين اداڪاري جي ڪري سڄي دنيا ۾ مشهور آهي، تازو ئي سندس ڪجهه مخالفن سوشل ميڊيا تي سندس موت جي ڪوڙي خبر پکيڙي ڇڏي.جڏهن کان اها جعلي خبر وائرل ٿي آهي، سڄي دنيا مان کيس ۽ سندس گهرڀاتين کي فون ڪالز اچڻ شروع ٿي ويون آهن، جن ۾ ڪجهه سندس موت تي تعزيت جو اظهار ڪري رهيا آهن ته ٻيا سچ معلوم ڪرڻ لاءِ ساڻس رابطو ڪري رهيا آهن.ان ڪري اسلم شيخ پاڻ سوشل ميڊيا تي آيو ۽ گواهي ڏني ته هو زنده آهي ۽ ڪوڙي خبرن جي ترديد ڪئي پر اها خبر ايتري وائرل ٿي جنهن کان پوءِ اسلم شيخ کي ميڊيا تي اچڻو پيو ۽ يقين ڏياريو ته هو زنده آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو