زمين تان وڏيري جو قبضو ختم ڪرائي ڏيو، ڳوٺاڻي جي اپيل

خانپورمهر) آفتاب سيال) ڳوٺ يارو گبول جو رهواسي پورهيت امام دين گبول ڳوٺ جي بااثر وڏيري ۽ پوليس جي ظلمن کان تنگ ٿي تعلقه پريس ڪلب خانپورمهر پهچي احتجاج ڪيو. هن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته  منهنجي ساڍا ست جريب زمين تي فضل محمد گبول زبردستي قبضو ڪيو ويٺو آهي جنهن جو کاتو مون وٽ موجود آهي زمين گهرڻ تان مونکي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي هن وڌيڪ چيو  ته ڳوٺ جي با اثر وڏيري وٽ دانهن کڻي ويم ته ان الٽو پوليس کي پئسا ڏئي مون مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي. هن چيو ته انصاف گهرڻ لا در در جا ڌڪا کائي رهيو آهيان پر ڪٿان به انصاف نٿو ملي ڪجه ڏينهن پهريان پريس ڪانفرنس ڪري واپس ڳوٺ طرف وڃي رهيو هيس ته با اثر وڏيري جي چرچ ته خانپورمهر پوليس جو جمعدار افضل مھر ۽ جمعدار غلام مصطفيٰ سومرو وچ شهر مان مونکي کنڀي مارڪٽ ڪئي ۽ مونکان 20 هزار کسي ورتا بعد ۾ مون مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪري لاڪپ ڪيو ويو . هن ڊي آء جي سکر  ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته زمين تان قبضو ختم ڪرائي مون سان انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو