ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا زرين خان جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، مٿس ڌانڌلي جو الزام آهي.ان حوالي سان معلوم ٿيو آهي ته مٿس 2018ع ۾ فراڊ جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو. بهرحال، کولڪتا هاء ڪورٽ اڄ سندس گرفتاري وارنٽ کي رد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.زرين خان جو چوڻ آهي ته هو معاملي ۾ ملوث پوليس آفيسر خلاف قانوني ڪارروائي ڪندي.ڀارتي ميڊيا موجب زرين خان نه ئي ضمانت جي درخواست ڏني ۽ نه ئي عدالت ۾ پيش ٿي، سندس بار بار غير حاضري تي گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا.ٻئي طرف زرين جي وڪيل جو چوڻ آهي ته اداڪارا ڪنهن سان ٺڳي ڪئي، اصل ۾ اهو غلط فهمي جو نتيجو آهي.
