زرداري جو نواز شريف ۽ مولانا سان رابطو، اهم معاملن تي مشاورت

زرداري جو نواز شريف ۽ مولانا سان رابطو، اهم معاملن تي مشاورت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اپوزيشن پي ڊي ايم جَي گڏيل اميدوار يوسف رضا گيلاني ۽ حڪومت ورِي حفيظ شيخ کي سينيٽ چونڊ ۾ ڪامياب ڪرائڻ لاءِ سرگرم ٿي وئي، آصف علي زرداري جو نوازشريف ۽ مولانا فضل الرحمان سان فون تي رابطو، ٻنهي سربراهن سان يوسف رضا گيلاني کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ مختلف آپشنز بابت صلاح مشورا ڪيا. اسلام آباد ۾ يوسف رضا گيلاني سان مقابلي لاءِ ميدان تي ايندڙ پي ٽي آءِ اُميدوار حفيظ شيخ جهانگير ترين کان مدد گهري ورتي، حڪومتي حلقن جي دعويٰ آهي ته جهانگير ترين طرفان حفيظ شيخ کي مڪمل مدد جي خاطري ڇڏي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اپوزيشن جي اهم اڳواڻن جو پڻ جهانگير ترين سان رابطو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو