ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اڄ پوري دنيا ۾ رمضان شريف جي ڀلاري مهيني جو آخري جمعو ملهايو پيو وڃي. الوداعي جمعي جي موقعي تي خصوصي عبادتن ۽ دعائن جو اهتمام ڪيو پيو وڃي. ان موقعي تي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج بند رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. پاڪستان ۾ سياسي، معاشي ۽ آئيني بحران سبب اقتصادي حالتون ٻڏتر جو شڪار آهن، اسٽاڪ مارڪيٽ ڪافي عرصي کان 4 هزار پوئنٽ ڪرڻ بعد 39 ۽ 40 هزار جي پوائنٽس تي هيٺ مٿي ٿي رهيو آهي. آءِ ايم ايف سان معاملا طئي ٿيڻ ۾ غير معمولي دير سبب به مارڪيٽ ۾ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ پختگي نظر نه پئي اچي.










