رضوان جون 90 رنسون ضايع، لڳاتار چوٿين ميچ ۾ شڪست

آڪلينڊ (ويب ڊيسڪ)پنجن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي چوٿين ميچ ۾ نيوزيلينڊ پاڪستان کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ 4-صفر جي برتري حاصل ڪري ورتي. پاڪستان طرفان ڏنل 159 رنسن جو هدف نيوزيلينڊ 19 هين اوور جي پهرين بال تي 3 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. پاڪستان طرفان ڏنل 159 رنسن جي ٽارگيٽ جي تعاقب ۾ نيوزيلينڊ جا پهريان 3 رانديگر صرف 20 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا پر صائم ايوب کي ڪيچ ڪري ڇڏيو. ٽم سيفرٽ پوءِ شاهين شاهه آفريدي جي هٿان هڪ وڪيٽ تي ڪيچ آئوٽ ٿيو، شاهين ول ينگ کي به صرف 4 رنسن تي پويلين موڪليو.ٽن وڪيٽن جي جلد گرڻ کانپوءِ ڊيرل مچل ۽ گلين فلپس پاڪستاني بالرن جي ڌوڏي ڇڏيا ۽ ٻنهي رانديگرن نه رڳو پنهنجي ففٽي مڪمل ڪئي پر پنهنجي ٽيم کي فتح تائين پهچايو ۽ ناٽ آئوٽ رهيا.ڊيرل مچل 72 ۽ گلين فلپس 70 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا، ٻنهي رانديگرن چوٿين وڪيٽ لاءِ 139 رنسن جي ڀائيواري ڪئي جڏهن ته پاڪستان طرفان شاهين شاهه آفريدي ٽيون وڪيٽون ورتيون.

پهنجو تبصرو موڪليو