رت جي رشتن کي باهه، بيدردي سان ڀاءُ هٿان ڀيڻ قتل

سکر(بيورو رپورٽ) مبارڪپور ۾ ڀاءُ هٿان سڳي ڀيڻ بيدرديءَ سان قتل، ايس ايس پي سکر طرفان واقعي جو نوٽيس، گرفتار ڀاءُ ڀيڻ کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو. پوليس مطابق ذهني معذور عورت زرينه جو قاتل ڪو ٻيو نه پر مقتولا جو سڳو ڀاءُ جوابدار محمد سلطان آهي.

جنهن اعتراف ڪندي ٻڌايو ته مان ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي ڀيڻ کي قتل ڪيو آهي. جڏهن ته پوليس جوابدار خلاف سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. ايس  ايس پي سکر عرفان علي سمون جو چوڻ آهي ته جوابدار کي قانون موجب سخت سزا ڏني ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو